خيرپور لڳ جوابدار ڪارنهن الزام هيٺ گهرواري کي ڪهاڙين جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو

خيرپور (رپورٽ: شاهدنواز سيال) خيرپور لڳ ڳوٺ غلام عباس مري ۾ جوابدار نديم مري  پنهنجي نوجوان زال سيما مري کي ڪارنھن جي الزام هيٺ ڪهاڙين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو، سندس مڙس به زھريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، قتل جي ڪوشش ڪندڙ جوابدار نديم مري پاڻ به زهر پي ڇڏيو، ٻنهي زال مڙس کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور داخل ڪرايو ويو آھيهن سلسلي ۾  زخمي عورت سيما مري جي وارث جو چوڻ آھي ته جوابدار نديم ٻه ڏينهن اڳ سيما مري کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪرڻ جي ڪوشش هئي جنهن کانپوءِ جوابدار نديم پاڻ بچائڻ لاءِ زهريلي دوا واپرئي آپگهات جو ڊرامو رچايو  آهي هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار نديم خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي ۽ ڪارنهن الزام هيٺ زخمي عورت سيما مري کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.