لکي غلام شاھه مان اغوا ٿيل نوجوان آزاد

لکي غلام شاھ(رپورٽ:نديم جان مهر) 8 ڏينهن اڳ چڪ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل نوجوان عبدالله سولنگي کي ڌاڙيلن پاڻمرادو آزاد ڪري ڇڏيو . مغوي جي آزادي وقت ڏوهارين پاران مغوي جي آزادي بابت وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيو ويو .جنهن بعد مغوي محمود آبا جي ڪچي واري علائقي ڏڪ بند وٽان پوليس وٽ پهتو جتان پوليس عملدارن سي آء اي انچاري آصف مغل ايس ايڇ او رستم غلام علي بروهي  ايس ايس پي شڪارپور جو پي آر او رياض ملڪ ايس ايڇ او ڪوٽ شاهو عالم ڪرسي ۽ ٻين علمدار مغوي نوجوان عبدالله سولنگي کي ڳوٺ هوٿي پهچايو ته مغوي جي وارثن پاران پوليس عملدارن ۽ مغوي نوجوان عبدالله سولنگي مٿان گلن جي ورکا ڪئي.نوجوان جي گهر پهچڻ تي خوشي واري لهر پيدا ٿي ويئي.ان موقعي تي سي آء اي انچاري شڪارپور آصف مغل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوهارين سان ڪنهن به قسم جي ڊيل نه ٿي آھي پوليس پريشر ۾ ٻنهي مغوين ذوهيب ڀٽو ۽ عبدالله سولنگي کي بازياب ڪرايو ويو آھي .ڏوهارين خلاف جلد ڪارروائي ڪئي ويندي.ٻئي طرف مغوي نوجوان عبدالله سولنگي پاران ڏوهارين جي قيد ۾ پنهنجي آزادي بابت جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آھي ته مونکي ڏوهارين آزاد ڪيو آھي پاڪ ڪتاب گهمائڻ عيوض ۽ ڏوهارين جون گرفتار عورتون آزاد ڪيون ويون آھن .جنهن ڪري هو آزاد ٿي گهر وڃي ٿو.هوڏانهن لکي غلام شاھ مان اغوا ٿيل ٻئي مغوي ذوهيب ڀٽو ۽ عبدالله سولنگي هڪٻئي پٺيان ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ٿي گهر پهچڻ تي علائقي ۾ خوشي وارو ماحول پيدا ٿي ويو.مغوي ذوهيب ڀٽو جي بازيابي تي مختلف شخصيتن درگاه سومراڻي شريف جو گادي نشين مولانا عبدالله مهر اڳوڻو ضلع ناظم محمد عارف خان مهر چڪ ٽائون ڪاميٽي جو اڳوڻو ڪائونسلر سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر نويد مهر ۽ ٻين لکي پهچي مغوي کي مبارڪون ڏنيون جڏھن ته جي يو آء سنڌ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد محمود سومرو ڀٽا برادري جي سردار اميربخش ڀٽو ۽ ٻين مغوي نوجوان جي وارثن کي فون ڪري واڌايون ڏنيون آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.