لاڙڪاڻي ۾ بدامني، دڪان جا تالا ٽوري چوري، دڪاندارن جو ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد لاهوري پاڙي مان گذريل رات دير سان نامعلوم چورن گلن جي دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ پيل 70 هزار روپيه روڪ رقم، 80 هزار روپين جون ڪنڊيون ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺي اين سي داخل ڪرائڻ بعد جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن اهڙي واقعي خلاف متاثر دڪاندار پنهنجي مائٽن سان گڏجي دڪان ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي پڻ ڪئي. متاثر دڪاندار عبداللطيف سهتو پنهنجي مائٽن شهمير سهتو، ارباز سهتو، ابرار سهتو ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل رات سان نامعلوم چورن منهنجي گلن جي دڪان جا تالا ٽوڙي دڪان ۾ پيل 70 هزار روڪ، 80 هزار روپين جون ڪنڊيون ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ويا اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو جنهن تي پوليس پهچي تفصيل ورتا بعد ۾ مون اهڙي اين سي به داخل ڪرائي پر پوليس ڪوڙا دلاسا ڏئي چورن خلاف ڪا به ڪاروائي لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي شهر ۾ بدامني سبب عام شهرين جو اڳ ئي جيئڻ جنجال ٿي پيو آهي ته ٻئي پاسي واپارين جي دڪانن کي کاٽ هڻي اهڙي قسم جون وارداتون پوليس جي نااهلي ۽ امن امان قائم ڪرڻ جي ناڪامي کي ظاهر ڪن ٿيون. اسين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ٿا ڪريون ته فوري طور دڪان ۾ لڳل ڌاڙي ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪري روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.