مھانگائي جي آيل سونامي ۽ تبديلي سرڪار جون دعوائون!

تحرير : اسماعيل بھلڪاڻي

عمران سرڪار جي مھانگائي جي تناسب سان نواز شريف جي عمران سرڪار مڙھڻ کان اڳ واري حڪومت سان ڀيٽ ڪجي خبر پئجي ويندي ته تبديلي جون لٻاڙون ھڻندڙ عمران سار ۽ سندس پاران چور ۽ ڪرپٽ قرار ڏنل نواز حڪومت ۾ ڏينھن رات جو واضح فرق ڏسڻ ۾ ايندو.

نواز شريف جي گذريل حڪومت ۾ اٽو 45 روپيا في ڪلو گيهھ 120 روپيا في ڪلو کنڊ 80 روپيا في ڪلو پئٽرول 120 روپيا في ليٽر ڊالر جي قيمت 57 روپيا ھو موجود عمراني تبديلي سرڪار آءِ ايم ايف کان اربين ڊالر وياج تي قرض وٺڻ باوجود عوام کي ڪو رليف نه ڏيئي سگھيو ٽن سالن جي عمراني ايماندار حڪومت ۾ اٽو 85 روپيه في گيهھ  350 روپيا في ڪلو کنڊ 130 روپيا في ڪلو ٽوٽ چانور 80 روپيا في ڪلو پئٽرول 150 روپيه في ليٽر في ڊالر 174 روپين جو ٿي ويو ڊالر کي ڄڻ پر لڳي ويا آھن ھر آئي ڏينھن ڊالر مھانگو ٿيندو پيو وڃي.

عمران سرڪار آءِ ايم ايف کان تمام ڳرن شرطن عيوض قرض ورتو آھي آءِ ايم ايف ھڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ڪري رھيو آھي ھڪ ته عمراني سرڪار کان پاڪستان ۾  پئٽرول سميت ڪجهھ ٻين شين جون من پسند قيمتون وڌائي رھيو آھي ٻيو ته قرض وياج تي ڏيئي رھيو آھي، ھاڻ آءِ ايم ايف پاران پاڪستان کي عمران سرڪار سميت مختلف حڪومتن ۾ ڏنل قرض عوام کي ڏيڻو آھي ۽ ملڪي حڪمرانن جون عياشيون پڻ حڪمرانن کي برداشت ڪرڻيون آھن موٽ ۾ عوام کي ڇا مليو ڇا ملندو يا ڇا ملڻو آھي

صرف ۽ صرف مھانگائي مفلسي بيروزگاري بک بدحالي…. ماضي جي رياست مدينه ۽ تبديلي جون دعوائون ڪندڙ موجود عمران سرڪار گوءِ کڻي وئي آھي خصوصن ھاري پورھيت طبقو مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي زرعي ٻج ڀاڻ دوائن سميت ڊيزل پئٽرول مھانگو ٿيڻ سبب ھر ڳاه ٿريشر جي قيمتن ۾ به ڳاٽي ٽوڙ اضافو ٿيو آھي، زرعي گھربل شين تي لکين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود سارين جي في مڻ قيمت 1400 ڪڻڪ في قيمت 1500 سرنھن في مڻ قيمت 2000 روپيا خرچ ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ بنهه گھٽ آھي تنھن ڪري ھاري ويچارا سالئون سال زميندارن جا قرضي ٿين ٿا. اھڙي طرح پورھيت جي سڄي ڏينھن جي ڪل ڪمائي 700 روپيه آھي مھانگائي سبب پورھيت طبقو پنھنجا ٻچا گردا وڪڻڻ ۽ خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو آھي. ھر ايندڙ حڪومت مختلف نعرن وسيلي اقتدار ۾ ايندي آھي يا آندي ويندي آھي ڏسندي ڏسندي عوامي ٽئڪس جي ناڻي تي حڪومت اپوزيشن ۽ کين آڻيندڙ قوتون وڙھنديون آھن عوام ويچارو خاموش بڻجي تماشو ئي ڏسندو رھندو آھي. ڀل ڪنھن سياستدان مير پير  وڏيري جاگيردار جو ڪھڙو نظريو ڇونه جي پر ملڪي 23 ڪروڙ عوام جو فقط ھڪ مطالبو ھڪ نظريو ملڪ مان مھانگائي بيروزگاري بدامني بدحالي جو خاتمو آھي پنھنجي ملڪ ۾ حڪمراني سواءِ مذاق ۽ تماشي جي ڪجهھ به نه آھي. حڪمران عوامي مطالبن بجاءِ آءِ ايم ايف ملڪي سگھارين قوتن ملڪي غير ملڪي آقائن جي حڪمن تي عمل پيرا آھن ملڪ کي ھلائيندڙ حڪمرانن جون عياشيون برداشت ڪندڙ ملڪي22 ڪروڙ جو الله ئي واھي آھي پنجن سالن بعد مٽاسٽا ٿيندڙ حڪمرانن جو ھڪ مقصد ھڪ نظريو پنھنجي پنج سالا حڪومت ۾ ڪرپشن ۽ ڦرلٽ ڪرڻ آھي. اپوزيشن جومقصد حڪومت مٿان مختلف اشوز وسيلي دٻاءُ وجھي پنھنجا جائز ناجائز مطالبا مڃرائڻ آھي حڪومتون مٽا سٽا ڪندڙ سگھارين قوتن ۽  خلائي مخلوق جو به ھڪڙو ئي مقصد ھرايندڙ حڪومت کي پنھنجوغلام ۽ پننجي ماتحت بڻائڻ آھي باقي عوام سان حڪومت اپوزيشن سگھارين ڌرين جو ڪوسروڪار نه آھي

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.