سعودي شهزادي بسمه ڌيءَ سميت ٽن سالن کانپوءِ آزاد

رياض(م ڊ) سعودي شهزادي بسمه بنت سعود ۽ هن جي ڌيءُ کي ڪنهن الزام کان بغير حراست ۾ رکڻ جي ٽن سالن کانپوءِ آخرڪار آزاد ڪيو ويو آهي، غيرملڪي ميڊيا مطابق شهزادي بسمه بنت سعود جي خاندان 2020ع ۾ هڪ بيان ذريعي گڏيل قومن کي ٻڌايو ويو هو ته امڪاني طور تي گرفتاري جو سبب هن جو انساني حقن لاءِ آواز اٿارڻ آهي، شهزادي بسمه بنت سعود سعودي شاهي خاندان ۾ انساني همدردي جي معاملن ۽ آئيني سڌارن جي هڪ  نمايان وڪيل جي حيثيت سان پنهنجي سڃاڻپ بڻائي آهي، 57 سالن جي شهزادي بسمه 1953ع کان 1964ع تائين سعودي عرب جي حڪمران شاهه سعود جي سڀ کان ننڍي ڌيءُ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.