گورک تي وڻ غائب، رٿا ۾ ڪروڙن جون گهوٻيون

ڪراچي( رپورٽر)  سياحتي ماڳ گورک تي وڻڪاري لاءِ مليل ڪروڙين رُپين جي فنڊن ۾ گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪرپشن ۽ گهوٻين جي ور چڙهي ويا. آڊيٽر جنرل جي گورک جي فنڊز بابت رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته  3 ڪروڙ 96 لک رُپين جي فنڊز مان خاول لڪ تي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڻ  پوکيا ويا. اُنهن وڻن جي به سار سنڀال نه ڪئي وئي. آڊٽ ٽيم گورک جو دورو ڪيو ته اُتي وڻڪاري نظر نه آئي.  رپورٽ ۾ ٻن سالن دوران وڻڪاري منصوبي ۾ 3 ڪروڙ 96 لک رُپين جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آھي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.