اسلام آباد پوليس جا 1500 کان وڌيڪ اهلڪار مري ريسڪيو آپريشن ۾ شريڪ

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد پوليس جا 1500 کان وڌيڪ اهلڪار مري ريسڪيو آپريشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن ۽ مري ۾  شديد برفبري سبب ڦاٿل سياحن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪري رهيا آهن. انسپيڪٽر جنرل آف پوليس اسلام آباد محمد احسن يونس اسلام آباد پوليس جي اهلڪارن جي سڌي ريت نگراني ڪري رهيو آهي جيڪو ٻين ريسڪيو ٽيمن سان گڏجي ڪم ۾ حصو وٺي رهيو آهي. هيل تائين عورتن ۽ ٻارن سميت 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي منتقل ڪري چڪا آهيون. آءِ جي پي اسلام آباد سميت ٻيا پوليس اهلڪار به 17 ميل ٽول پلازه تي موجود آهن. هن چيو ته اهو آپريشن سياحن جي مڪمل واپسي تائين جاري رهندو

  • برطانيا ۾ ڪورونا جا هڪ لک 46 هزار نوان ڪيس

لنڊن (م ڊ ) برطانيا ۾ هڪ ڏينهن دوران ڪورونا وائرس جا هڪ لک 46 هزار 390 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن بعد سڄي   ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثرين جو مجموعي انگ 14333794 کان وڌي ويو آهي. چيني خابرو اداري برطانيا جي سرڪاري انگن اکرن مطابق ٻڌايو آهي ته ڪورونا وائرس سبب  313 نئين فوتگين بعد فوتگين  جو ڪل انگ 150057 تائين پهچي ويو آهي. برطانوي سائنسدان پروفيسر اينڊ ريوهيورڊ ميڊيا کي ٻڌايو ته برطانيه ۾ هڪ لک 50 هزار فوتگيون انتهائي افسوسناڪ آهي.

  • مري ۽ گليات ۾ مفت ڪال سهولت فراهم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (اي پي پي) موبائيل فون سهولت فراهم ڪندڙ ڪمپنين مري ۽ گليات جي  علائقن ۾ هنگامي صورتحال کي نظر ۾ رکندي  مفت ڪال فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي اي جي هدايت تي موبائيل فون آپريٽرن گليات جي علائقن ۾ ڦاٿل صارفين کي زيرو بئلنس هئڻ تي پنهنجي نيٽ ورڪن تي مفت ڪال ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي آهي. صارفين وڌيڪ معلومات لاءِ پنهنجي لاڳاپيل آپريٽرز سان رابطو ڪري سگهن ٿا. وڌيڪ پي ٽي اي سمورن ٽيليڪام آپريٽرن کي پڻ هدايت ڪئي آهي ته هو صارفين کي بنا رڪاوٽ خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائين. ۽ بجلي جي بندش جي صورت ۾ متبادل انتظام رکن.

  • نائيجيريا ۾ هٿياربند ڌاڙيلن جي حملن ۾ 58 ڄڻا مارجي ويا

ابوجا (م ڊ) نائيجيريا جي اتر اولهه واري رياست زمفارا ۾ هٿياربند ڌاڙيلن جي حملن ۾  58 ڄڻا مارجي ويا. چيني خابرو اداري مطابق نائيجيريا جي اتر اولهه واري رياست زمفارا ۾ ٻن مقامي حڪومتي علائقن جي ڳوٺن تي حملن جي نتيجي ۾ 58 ڄڻا مارجي ويا. زمفارا رياست جي گورنر بيلوماتوالي جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته اهي حملا گذريل رات جو دير سان رياست جي انڪا ۽ بوڪيوم علائقن ۾ ٿيا. ترجمان چيو ته هٿياربند حملن دوران بوڪيوم جي علائقي ۾ 36 ۽ انڪا ۾ 22 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ چئن ڳوٺن کي باهه ڏني وئي، مقامي چوڪيدار پڻ مارجي ويلن ۾ شامل آهن. ترجمان چيو ته رياستي حڪومتي رياست ۾ هٿياربند ڌاڙيلن جي حملن کي روڪڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهي آهي. نائيجيريا جي اترئين ۽ مرڪزي علائقن ۾ هٿياربند حملن ۾ تازن مهينن دوران ماڻهن جي مارجڻ ۽ اغوا جا واقعا ٿيا آهن. رياستي گورنر متاثر علائقن جو دورو ڪيو آهي ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.