ڪنگريءَ جي ڪچي ۾ ڇڪتاڻ، مارجي ويلن جو انگ 6 ٿي ويو، 3 لاش نه مليا

پيرجوڳوٺ (رپورٽ:علي گل جوڻيجو) پيرجوڳوٺ لڳ ڪچي ۾ خروس برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ دوران مقتولن جو انگ 6 ڄاڻايو ويو، ٽن جا لاش هٿ نه اچي سگهيا، علائقي ۾ خوف، وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري، خبرموجب، پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ مينگھو خروس ۾ گاھ جي معاملي تان گذريل 5 سالن کان هلندڙ خوني تڪرار ۾ ڇنڇر واري ڏينهن هزارو خروس ۽ منظور خروس واري ڌرين ۾ ٿيل فائرنگ دوران قتل ٿيل ٻن ڀائرن راجا خروس ۽ صيفل خروس جا لاش پوليس هٿ ڪري ورتا آھن. راجا خروس جو لاش پوليس سنڌو درياھ لڳ گهاٽي جھنگ مان هٿ ڪري ورتو، جڏهن ته خروس برادري جي ماڻهن مقتول صيفل پٽ فتح شير خروس جو لاش سنڌو درياھ مان ڪڍي پوليس کي اطلاع ڏنوبعد ۾ ڊي ايس پي ڪيٽي پاڳارو غلام سرور ڀيو پوليس نفري ساڻ ڪري ڄاڻايل هنڌ پھچي مقتولن جا لاش پيرجوڳوٺ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. هوڏانهن فائرنگ دوران قتل ڄاڻايل نظر محمد پٽ فتح شير خروس، نبي داد عرف نبن پٽ حيران خروس، سراج خروس جا لاش پوليس يا مقامي ماڻھن کي هٿ اچي نه سگهيا آھن، جڏهن ته جھيڙيندڙ ڌرين ۾ ڪالھه صبح جو به فائرنگ جو سلسلو جاري رھيو جنهن سبب علائقي م خوف ۽ ڏھڪاءَ واري صورتحال ڇانيل آھي .ٻڌايو پيو وڃي ته جھيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ ماما ڀاڻيجا آھن ۽ هزارو خروس واري ڌر باگڙجي لڳ ڳوٺ شريف خروس جي رھواسي آھي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.