هاڻي عوامي احتجاج جو سلسلو نه رڪجندو:بلاول

لاهور(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هاڻي عوامي احتجاج جو نه رڪجندڙ سلسلو هلي پيو آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جي  خاتمي تي ئي عوام سک جو ساهه کڻندو، بلاول جون لاهور ۾ سياسي سرگرميون جاري آهن، ان حوالي سان بلاول هائوس ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ ڏکڻ پنجاب جي ايگزيڪيٽوزجو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ مري سانحي ۾ فوت ٿي ويلن لاءِ دعا گهري وئي، جڏهن ته ڏکڻ پنجاب ۾ پ پ کي فعال بڻائڻس لاءِ حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ پارٽي چيئرمين کي 27 فيبروري جي لانگ مارچ جي تيارين بابت بريفنگ به ڏني وئي، ان موقعي تي بلاول چيو ته 27 فيبروري جو مارچ پ پ جي احتجاج جو تسلسل آهي، پ پ پارليامينٽ ۾ حڪومت خلاف موثر اپوزيشن ڪئي آهي، هن چيو ته فوتين تي پنهنجي موت جي ذميواري مڙهڻ سفاڪيت جي انتها آهي، ظالم حڪمران عوام کي تڪليفون ڏين ٿا ۽ مان خاموش ويٺو رهان، اهو نٿو ٿي سگهي،هن چيو ته مري سانحي جي شفاف جاچ ڪرائي جوابدارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.