مري ۾ 3 هزار گاڏين جي جاءِ تي 30 هزار پهتيون

اسلام آباد(م ڊ) مري ۾ ڪل ٽي هزار گاڏين جي پارڪنگ جي جاءِ آهي پر سانحي واري ڏينهن انگن اکرن مطابق 30 هزار گاڏيون مري ۾ داخل ٿيون هيون، گاڏين ۾ موجود ماڻهن جي انگ جو اندازو لڳائجي ته ڪيترائي هزار ٿين ٿا، مري،راولپنڊي ۽ ايبٽ آباد پوليس جي ذريعن بي بي سي کي ٻڌايو ته  پوليس مري ۽ گليات ۾ ٽريفڪ بلاڪ، رش ۽ برفباري جي صورتحال تي خميس جي شام کان ئي رپورٽون تيار ڪري موڪلينديون رهيون ته صورتحال ٺيڪ ناهي، ٽريفڪ اهلڪار قيصر محمود بي بي سي کي ٻڌايو ته برفباري ته ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري هئي پر جمعي واري صبح جو هڪ ڀيرو ٻيهر شروعات ٿي، 10 وڳي برفباري شروع ٿي ۽ ماڻهو گاڏيون روڊ تي بيهاري سيلفيون ٺاهڻ لڳا، مشينري پوئتي ڦاسي پئي، نه برفباري رڪجي نه گاڏيون هلي سگهيون، 5 جنوري تي موسميات کاتي مري ۾ شديد برفباري جي وارننگ جاري ڪئي هئي، قيصر محمود چيو ته ريسڪيو ۾ گهڻي مشڪلات هئي، چار چار فٽ برف پئجي چڪي هئي، حڪومت ٻئي ڏينهن ٽول پلازا بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، مقامي رهواسي محمد صابر چيو ته گاڏين ۾ موجود ماڻهن کي اسان پنهنجي گهرن ۽ مسجدن ۾ منتقل ڪرڻ شروع ڪيو، ڪجهه ماڻهو اهڙا به هئا جيڪي چئي رهيا هئا ته اهي پنهنجي گاڏين ۾ وڌيڪ محفوظ ۽ خوش آهن، هن چيو ته اها اهڙي برفباري هئي جيڪا اسان پنهنجي زندگين ۾ گهٽ ئي ڏٺي آهي، ماجد عباسي، گل فراز عباسي ۽ ٻين چيو ته هڪ ٻيو سبب مري ۾ موجود ڪيترائي سال پراڻو ون وي به ڪجهه ڏينهن اڳ اوچتو ختم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.