سرڪاري نالائقي سبب شهري زندگيون وڃائي ويٺا: آصف زرداري

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مري ۾ حڪومت جي نالائقي سبب معصوم شهري زندگيون وڃائي ويٺا. مري ۾ شديد برفباري ۽ ماڻهن جي فوت ٿيڻ واري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي آصف زرداري چيو ته فوت ٿي ويلن جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، الله تعاليٰ فوتين جي مغفرت ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي. هن چيو ته مري ۾ حڪومت پاران فوري طور قدم نه کڻڻ تي ڳڻتي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.