ڪراچي ۾ سرد ترين رات، هوائن جو نئون سلسلو اچڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ تازي برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي آهي ۽ گذريل رات هلندڙ سال جي سڀ کان ٿڌي رات رهي. موسميات کاتي  موجب ڪراچي ۾ ٿڌين هوائن سبب سيءُ وڌي ويو آهي ۽ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات پارو 9.7 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ ۽ رات ٿڌي رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته گهٽ کان گهٽ پارو 9 کان 11 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.چيف ميٽرولاجسٽ ڪراچي ۾ ٿڌ جي هيءَ لهر 16 جنوري تائين برقرار رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.چيف ميٽرولاجسٽ موجب 16 جنوري کانپوءِ اولهه هوائن جو هڪ ٻيو سلسلو ايران رستي بلوچستان ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.