ثابت ٿي ويو ته ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪا شئي ناهي: شهباز شريف

لاهور (م ڊ) ن ليگ صدر  شهباز شريف چيو آهي ته مري سانحو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ملڪ تي رڳو نالائقي، نااهلي، بي حسي ۽ ظلم مڙهيل  آهي. مري سانحي جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته مري سانحي بعد اهو ثابت ٿي ويو ته ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪا شئي ناهي ۽ ملڪ تي رڳو ظلم مڙهيل آهي. هُن چيو ته حڪومت مري سانحي بابت حقيقتون ۽ سچ ٻڌائي ته جيئن ان تحت حڪمت عملي ٺاهي وڃي، مري ۾ هيل تائين هزارين گاڏيون ڦاٿل هجڻ جا اطلاع آهن. حڪومت بيان ڏيڻ بدران مري ۾ ڦاٿل عوام کي ڪڍڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي، انهن ماڻهن جي رهائش ۽ کاڌي سميت گهرن ڏانهن محفوظ واپسي کي يقيني بڻائي. اپوزيشن ليڊر چيو ته معصوم ٻارڙن سميت ٻين جي فوت ٿيڻ تي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيون ٿا، واقعو اسان جون دليون زخمي ڪري ويو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.