حڪومت آرمي چيف مقرري ۾ سياسي ڪارڊ پئي استعمال ڪري:احسن اقبال

نارووال( م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت آرمي چيف مقرري ۾ سياسي ڪارڊ پئي استعمال ڪري. ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته آرمي چيف جي مقرري آخري ٽن مهينن ۾ ٿيندي آهي، سرڪار پاران هاڻ کان ئي آرمي چيف جو معاملو اٿارڻ خطرناڪ آهي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته مري ۾ ماڻهو مري ويا حڪومت سياحن جي آمد تي صرف تاڙيون پئي وڄايون. هن چيو ته فنڊنگ ڪيس عمران نيازي جي حقيقت کولي ڇڏي، ڪرپشن جو حساب ڏيڻو پوندو . حڪومتي تبديلي بعد آءِ ايم ايف سان ٺاهه جي نظر ثاني ڪري سگهجي ٿي، اتحادي ڌار ٿي حڪومت کي فارغ ڪن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.