وزيراعظم مري سانحي تي ڪڏهن ٿو ڪارروائي ڪري: نصرت سحر

سکر(رپورٽر ) ف ليگ ايم پي اي نصرت سحر عباسي مري واقعي جي حوالي سان چيو آهي ته مري واقعي کانپوءِ اسان انتظار ۾ هئاسين ته ڪڏهن وزيراعظم ڪارروائي ڪري ٿو، اسان سوچي رهيا هئاسين ته وزيراعظم عمران خان غفلت ڪندڙن کي عبرت جو نشان بڻائيندو، هاڻي به انتظار آهي ته شايد ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته جڏهن موسميات کاتي پاران الرٽ جاري ڪيو ويو ته پوءِ ماڻهن کي ڇو نه روڪيو ويو، نصرت سحر عباسي چيو ته واقعي کان اڳ فواد چوڌري جو ٽوئيٽ سامهون آيو، لکين گاڏيون داخل تباهه ٿي ويون، اڳواٽ حفاظتي اپاءُ ڇو نه ورتا ويا. ادارا ڇا ڪري رهيا آهن، ڪم ڇو نٿا ڪن، حڪومت سياحت جون ڳالهيون ڪري رهي آهي، مستقبل ۾ مري وڃڻ کان ماڻهو خوف کائيندا، پوري پاڪستان جا ماڻهو خوف ۾ ورتل آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.