مري سانحي جا ذميوار عمران خان ۽ عثمان بوزدار آهن: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(ڊر) پ پ اڳواڻ نثار کهڙو چيو آهي ته مري سانحي جا ذميدار وزيراعظم عمران خان ۽ وزيراعلي پنجاب آهن، مري سانحي ۾ فوت  ٿي ويلن جي قتل جي ايف آءِ آر عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير خلاف داخل ڪئي وڃي .هن چيو آهي ته خراب موسم ۽ برفباري جي اڳواٽ اطلاع باوجود وفاق ۽ پنجاب حڪومت ڪي به قدم نه کنيا، وزيراعظم عمران خان مري سانحي جي حڪومتي ۽ انتظامي ناڪامي تسليم ڪرڻ بدران الزام مري ويندڙ متاثرن تي لڳائي رهيو آهي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، اهو عمل وزيراعظم جي ذهني پستي ظاهر ڪري ٿو. نثار کهڙو چيو آهي ته وزيراعظم جواب ڏيئي ته برفباري جو اڳواٽ اطلاع باوجود حڪومت اڳواٽ بندوبست ڪرڻ لاءِ نااهل هئي ته پوءِ مري ويندڙ رستن کي بند ڇو نه ڪيو ويو. هن چيو ته مري ۾ حڪومت هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري سميت لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڇو نه رکيو، ڇا اها حڪومت جي مڪمل ناڪامي نه آهي؟ مري ۾ حڪومتي ناڪامي تي 23 جانيون ضايع ٿيون ۽ ماڻهو مصيبت ۾ ڦاٿل رهيا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.