ڀاڙي تي ڪارون بڪ ڪرائي ڦر ڪندڙ ٽولي جو انڪشاف

ڪراچي(رپورٽر)اي وي ايل سي پوليس ڀاڙي تي  ڪارون بڪ ڪرائي ڦر ڪندڙ ٽولي جي هڪ ڪارندي وقار جوڻيجو کي مقابلي کان پوءِ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سندس  ٻه ساٿي علي گوپانگ ۽ سعيد ابڙو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا،پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار جي قبضي مان لوڊ پستول ۽ چوري جي هڪ ڪار هٿ آئي آهي، پوليس جو چوڻ  آهي ته  جوابدارن جو ٽولو 14 ڄڻن تي مشتمل آهي جنهن ۾ عورتون به شامل آهن .جوابدار  عورتن سان گڏ وڃي اڏن تي ڪار بڪ ڪرائيندا هئا ۽ مخصوص ويران هنڌن تي وڃي ٻين ساٿين سان گڏجي گاڏي ڦري ڊرائيور کي يرغمال بنائي ويهاري ڇڏيندا آهن ڊرائيور ان وقت تائين يرغمال رهندو آهي جيستائين ڦر ڪيل گاڏي محفوظ هنڌ تي نه پهچي وڃي پوليس موجب جوابدار ڦر ڪيل گاڏيون بلوچستان ۾ وڪرو ڪندا آهن، اي ايس پي او وي ايل سي بشير احمد بروهي  چيو ته جوابدار وقار جوڻيجو مٿان 2 ڪيس داخل ٿيل آهن جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.