آخري سياح ڪڍڻ تائين آپريشن جاري رهندو: شهباز گل

اسلام آباد(م ڊ) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مري جي سمورين شاهراهن کي ٽريفڪ لاءِ ڪليئر ڪيو ويو آهي،ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ آرمي جا جوان ريسڪيو آپريشن ۾ مسلسل مصروف آهن، مک شاهراهن سان ڪرينن ۽ ڳري مشينري سان برف هٽائي پئي وڃي، آخري سياح جي حفاظت سان نڪرڻ تائين آئون ۽ سموري انتظاميا هتي مري ۾ موجود رهندي. ڪجهه علائقن ۾ بجلي جي سپلاءِ اڃان متاثر آهي. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته مک شاهراهن تان ڪرينن ۽ ڳري مشينري سان برف هٽائي پئي وڃي، حالتون ڪافي بهتر آهن، ٽريفڪ جي رواني جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.