هيڪ پاران 147 غيرقانوني تعليمي ادارن جي فهرست جاري

اسلام آباد (م ڊ) هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) شاگردن کي غيرقانوني، جعلي ۽ غير تسليم ٿيل تعليمي ادارن  ۾ داخلائن وٺڻ کان خبردار ڪندي اهڙن 147 ادارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. گذريل ڏينهن هائر ايجوڪيشن ڪميشن طرفان غيرقانوني ۽ غير تسليم ٿيل ادارن جي جاري ڪيل فهرست جي تفصيل ۾ سڀ کان وڌيڪ ادارا پنجاب ۾ آهن جن جو تعداد 96، جڏهن ته سنڌ ۾ 35 اهڙا تعليمي ادارا آهن. وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ 2 ڪاليج، جڏهن ته خيبر پختونخواه  ۾ غيرقانوني ۽ غير تسليم ٿيل ادارن ۾ 11 ادارا شامل آهن. آزاد ڄمون ڪشمير ۾ الخير يونيورسٽي جي ڀمبر ڪيمپس کان علاوه سمورا ڪيمپس، جڏهن ته انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانس اسٽڊيز آف انفارميشن ٽيڪنالاجي ڊڊيال ۽ پاڪ ڪشمير انسٽيٽيوٽ آف آءِ ٽي ميرپور شامل آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.