ڪراچي لياقت آباد ۾ گهر اندر پراسرار طور تي باهه، عورت فوت

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ هڪ گهر اندر پراسرار طور تي باه لڳڻ سبب هڪ عورت سڙي فوت ٿي وئي،تفصيل  موجب ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ هڪ گهر ۾ پراسرار طور تي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾  32 سالن جي عظميٰ نالي هڪ عورت ۽ سندس ٽن سالن جي  ڌيءُ ڪهڪشان سڙي زخمي ٿي پيون جن کي هنگامي بنيادن تي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي عظميٰ فوت ٿي وئي،پوليس جو چوڻ آهي ته گهر جو مالڪ شڪيل صبح جو ڪم تي هليو ويو هو جنهن کانپوءِ گهر ۾ باه لڳي، پوليس موجب باه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي لاءِ پوليس جي خصوصي ٽيم کي طلب ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.