ڪي يو جي پاران قاضي آصف جو ٽوئيٽر اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جي مذمت

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي يونين آف جرنلسٽ پاران سينيئر صحافي قاضي آصف ۽ ڪي يو جو اڳوڻي ميمبر پاران پي ٽي آءِ ميمبرن سنڌ  اسيمبليءَ ۾ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه کي تشدد ڪرڻ جو منصوبو بڻائڻ واري سازش کي وائکو ڪرڻ تي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ پاران قاضي آصف جو ٽوئيٽر اڪائونٽ بند بلاڪ ڪيو ويو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ وزيراعطم عمران خان کان مطالبو ٿا ڪيون ته اهو پنهنجي پارٽي ميمبرن کي سنڀالي جيڪي جمهوريت کي نقصان پهچائڻ جي سازشون ڪري رهيا آهن ۽ انهي سازش کي بي نقاب ڪرڻ تي پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبليءَ ميمبرن پاران وفاقي وزيرن جي مدد سان قاضي آصف جو ٽوئيٽر اڪائونٽ بلاڪ ڪرائي ڇڏيو آهي ڪي يو جي صدر نظام الدين صديقي، جنرل سيڪريٽري فهيم صديقي سميت ڪي يو جي ميمبرن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت فاشٽ جماعت وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.