حڪمرانن ۾ غيرت هجي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏين: پي ڊي ايم

اسلام آباد(م ڊ) پي ڊي ايم ترجمان حافظ حمدالله مري سانحي تي وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار تي سخت  تنقيد ڪئي آهي، هن چيو ته عمران خان ڏکڻ ڪوريا جي ٻيڙي ٻڏڻ تي وزيراعظم جي استعيفيٰ ڏيڻ جو ڀاشڻ ڏيندو هو، مري سانحي ۾ 23 جانيون توهان جي نااهلي سبب موت جي منهن ۾ هليون ويون، ٿوري به غيرت هجي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو ها، هن چيو ته هيليڪاپٽر ۾ مري جو جائزو وٺڻ بدران عثمان بوزدار استعيفيٰ ڏئي ها ته عوام جو ڀلو ٿئي ها، هن چيو ته حڪومت ۾ مري سانحي جي ذميواري قبول ڪرڻ جي همت به ناهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.