ڌارين جي آبادڪاري، بحريا ٽائون رد، هارين کي زمينون ڏنيون وڃن: سنڌ هاري تحريڪ

حيدرآباد (رپورٽ: اعجاز چانڊيو)   سنڌ  هاري تحريڪ مطالبو ڪيو آهي ته  سنڌ ۾ غير قانوني رهندڙ لکين افغانين، بنگالين، بيهارين، برمين، هندستانين ۽ ٻين کي وفاقي ۽ سنڌ سرڪار طرفان شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ  وارا اعلان فورن واپس وٺي، سمورن ڌارين کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ سميت بحرياٽائون، ڊي ايڇ اي، ذوالفقارآباد ۽ ٻيون رھائشي اسڪيمون سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جون سازشون آھن، تنھن ڪري اھي ۽ اھڙيون ٻيون اسڪيمون فورن بند ڪري سنڌين کي پنھنجي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جي سازش بند ڪئي وڃي.  سنڌ هاري تحريڪ طرفان ڪالهه حيدرآباد ۾ “ايڪويهين صدي ۾ سنڌ جي هارين جي صورتحال” جي عنوان هيٺ سيمينار ڪوٺايو ويو، ان موقعي تي مختلف قرارداد پيش ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ڪارو ڪاري جي ڪڌي ۽ هٿ ٺوڪي رسم ختم ڪرڻ، معصوم نياڻيون سڱ چٽي ۾ ڏيڻ تي پابندي لاڳو ڪرڻ، جرڳا ڪندڙ قبائلي سردارن ۽ جاگيردارن تي ڪيس داخل ڪري عمر قيد جون سزائون ڏئي عورتن کي بنيادي انساني حق فراهم ڪرڻ لاءِ ٺوس قانوني قدم کنيا وڃن. سيمينار ۾ اها پڻ گهر ڪئي وئي ته سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينو زرعي، رھائشي ۽ سرمائيڪاري جي بھاني غير قانوني طرح سنڌين کان کسيون ويون آھن،ان لاءِ اعليٰ عدالتي ڪميشن قائم ڪري اھڙيون زمينون سنڌ جي بي زمين ھارين کي ڏنيون وڃن. سيمينار کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو ته بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي، ڪمانڊر سٽي سميت مختلف غير قانوني رهائشي ڪالونين ذريعي سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪري سنڌ ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.  هن وڌيڪ چيو ته افغانين، برمين ۽ بنگالين سميت ملڪ رياض جهڙن قبضاگيرن کي سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي پر سنڌ جي ڪنهن به هاري يا هارياڻي کي هڪ ايڪڙ به زمين نٿي ڏني وڃي، جڏهن ته سنڌ جي زمينن تي حق ئي سنڌ جي هارياڻين ۽ هارين، سنڌي پورهيت عوام جو آهي جيڪي ارغونن، ترخانن ۽ انگريزن سان ويڙهون ڪري سنڌ جي وجود کي هيستائين بچائيندا پيا اچن.  سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته حڪومت ۾ هارين جي نمائندگي نه هئڻ سبب هارين جا بنيادي مسئلا ته حل نٿا ڪيا وڃن پر پاڻي ۽ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري هارين جي زندگي زهر بڻائي وئي آهي. بي روزگاري ۽ بد حالي سبب سنڌ جا هاري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن پر حڪومت هارين جي بي روزگار نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا. ناليواري  سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر اعتزاز گائينچو چيو ته هارين جي ٻارڙن کي تعليم کان محروم رکڻ لاءِ ٻهراڻين جا اسڪول بند ڪيا ويا آهن. ڏاڏا عبدالقادر رانٽي چيو ته سنڌ جي شاگردن کي هارين جي جدوجهد ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ته جيئن هاري به انهن جي جدوجهد جو حصو ٿين. ادريس لغاري چيو ته هارين کي جديد زرعي ٽيڪنالاجي مهيا ڪري ان جي سکيا ڏني وڃي ته جيئن هاري فصل وڌيڪ اپائي ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪري سگهن. ان موقعي تي صحافي نذير لغاري، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي صدر نور محمد ٽالپر، صحافي اسحاق مڱريو، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ڪامريڊ مصطفي چانڊيو، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري اسماعيل خاصخيلي، سنڌ آبادگار تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مصطفي لغاري، سماجي اڳواڻ شير محمد سولنگي، ستار رند،  ايڊووڪيٽ مير بشير ٽالپر، ھميرو مل، ھاري اڳواڻن اياز کوسو، علي نواز ڏاھري، رام ڪولھي، ڊاڪٽر مدد لغاري، جاکرو نوحاڻي، درياءَ خان زئور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،سنڌ هاري تحريڪ طرفان  “ايڪويهين صدي ۾ سنڌ جي هارين جي صورتحال” جي عنوان هيٺ ڪوٺايل سيمينار ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ٿر مان نڪرندڙ ڪوئلي جي آمدني مقامي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ تي خرچ ڪئي وڃي، ٿر ڪول ۾ ڌارين کي نوڪريون ڏيڻ بند ڪري اوليت جي بنياد تي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي، ٿر جي نوجوانن کي مفت ۾ ٽيڪنيڪل سکيا ڏيڻ لاءِ مٺي ۾ سرڪاري ٽيڪنيڪل ادارو قائم ڪيو وڃي، ٿر ڪول ۾ ايندڙ زمين مقامي ماڻهن کان خريد ڪرڻ بدران مقاطعي _ ليز تي ورتي وڃي ۽ متاثر خاندانن کي متبادل هنڌن تي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن، جتي رستا، بجلي، اسڪول، اسپتالون ۽ هٿ جي هنر جا سينٽر ۽ مٺي پاڻي جا آر او پلانٽ لڳايا وڃن. گوڙاڻي ڊيم سميت ٻين امڪاني ڊيمن جو کارو ۽ زهريلو پاڻي لوڻ کاڻن ۾ نيڪال ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.