2018ع جي چونڊن کان اڳ پ پ، پي ٽي آءِ اتحاد ٺهي رهيو هو:رحمان ملڪ

اسلام آباد(م ڊ) پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته آصف زرداري جي فارمولي وارو بيان مس ڪميونيڪيشن هو،  ڊي جي آءِ ايس پي آر واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪا به ڊيل نه ٿي رهي آهي، ڊيل جون ڳالهيون ريٽ وڌائڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن، مري سانحي جي ذميوار انتظاميا آهي، عثمان بوزدار ايڪشن نٿو کڻي ته هن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هن چيو ته سينيٽ چونڊ اوپن ووٽ ذريعي ٿيڻ گهرجي، ڊالر 200 رپين تائين پهچي ويندو، وزيراعظم آصف زرداري  هوندو يا بلاول فيصلو پارٽي ڪندو،هن چيو ته2018ع جي چونڊن کان اڳ پ پ، پي ٽي آءِ ۽ هم خيال جماعتن جو اتحاد بڻجي رهيو هو، ان ۾ ق ليگ ، عوامي تحريڪ به شامل هيون،  جهانگير ترين پ پ سان اتحاد لاءِ راضي هو، عمران خان ۽ آصف علي زرداري وچ ۾ ڳجهي ڪال به ٿي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مستقبل ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد ممڪن ناهي،اهڙي صورتحال ٿي ته پوءِ پارٽي ان وقت فيصلو ڪندي، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ ۾ اتحاد ٿي به سگهي ٿو، سياست ۾ ڪڏهن به دروازا بند نه ٿيندا، حڪومت لاءِ اپوزيشن کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي، هن چيو ته پ پ کي ڊيل جي آفر ڪنهن ڪئي مون کي خبر ناهي، ان ڳالهه جي عسڪري ذريعن پاران ترديد به اچي چڪي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.