ڊاڪٽر عصمت کي آپگهات تي مجبور ڪندڙ مک جوابدار اڃا تائين آزاد

دادو(ڊ ر) سيتاروڊ ۾ هڪ ڏينهن اڳ بليڪ ميلنگ کان تنگ ٿي آپگهات ڪندڙ پيپلز ميڊيڪل  ڪاليج نوابشاهه جي چوٿين سال جي شاگردياڻي ڊاڪٽر عصمت جميل جي ڪيس ۾ گهربل جعلي نڪاح جي گواهه فيض سولنگي ۽ جعلي نڪاح نامو ٺاهيندڙ مقامي مسجد جي نڪاح خوان مولوي ادريس شر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مولوي کي پوليس اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، خبر پئ آهي ته ڊاڪٽر عصمت جي پاڙي ۾ رهندڙ 45 سالن جي رٽائرڊ فوجي شمن سولنگي جنهن جون اڳ ۾ ئي ٻه شاديون آهن، جوابدار ڊاڪٽر عصمت کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ مولوي ادريس شر کان فيض سولنگي جي گواهي ۾ جعلي نڪاح نامو ٺهرائي ٻن سالن کان ڌمڪيون ڏئي کائنس پئسا وصول ڪندو هو، جنهن جا ثبوت شمن سولنگي جي ايزي اڪائونٽ مان مليا آهن، هو هيل تائين ڊاڪٽر عصمت کان هڪ لک 80 هزار رپيا وصول ڪري چڪو آهي، جڏهن ته شمن سولنگي جون فرمائشون وڌڻ تي ڊاڪٽر عصمت مجبور ٿي اهو پورو قصو پنهنجي والد خالد جميل ۽ ڀاءُ نادر علي کي ٻڌايو، جنهن تي اهي ڊسٽرڪت اينڊ سيشن جج دادو جي عدالت ۾ نياڻي سان انصاف لاءِ پهتا، عدالت جوابدار شمن سولنگي، نڪاح خوان مولوي ادريس شر۽ گواهه فيض سولنگي تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم پر سيتاروڊ پوليس ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آئي، جوابدار شمن ابتو ڊاڪٽر عصمت جي والد ۽ ڀاءُ کي جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون، ڊاڪٽر عصمت پنهنجي والد جي بي حرمتي برداشت نه ڪندي پنهنجي والد جي نالي هڪ خط لکي پاڻ کي ڪمزور ڏيکاري گهر اندر بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي، ڊاڪٽر عصمت جي ڀاءُ ٻڌايو ته ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو جنهن سبب اهو واقعو پيش آيو، گرفتار گواهه فيض سولنگي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته نڪاح نامي وقت ڊاڪٽر عصمت موجود نه هئي، نڪاح ڪوڙو هو، شمن ڊاڪٽر عصمت کي بليڪ ميل ڪري رقم وٺندو هو، وومين پروٽيڪشن پوليس جي انچارج بينظير جمالي چيو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ميڊيڪل رپورٽ لاءِ ميڊيڪل بورڊ کي موڪليو ويو آهي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته مرڪزي جوابدار کي پوليس ڪڏهن ٿي گرفتار ڪري

  • ڊي آءِ جي حيدرآباد عصمت جي آپگهات واقعي جو نوٽيس ورتو

حيدرآباد(رپورٽر) ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه سيتا ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي عصمت جي خودڪشي واري معاملي جو  نوٽيس وٺندي ايس ايس پي دادو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. 22 ورهين جي عصمت ڌيءُ خالد جميل هڪ ڏينهن اڳ مبينا بليڪ ميلنگ کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو کي حڪم ڏنو آهي ته هو ان خودڪشي جي واقعي جو مختلف پهلوئن سان جائزو وٺي جامع رپورٽ سندس حوالي ڪري. هن يونيورسٽي جي شاگردياڻي جي خودڪشي واري معاملي تي افسوس جو اظهار به ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.