اومي ڪرون ۾ تيزي، 7 فوت، ڪراچي ۾ هاڪاري شرح 15 سيڪڙو ٿي وئي

ڪراچي/ اسلام آباد (رپورٽر/ م ڊ ) پاڪستان ۾ ڪورونا جي عالمي وبا ٻيهر زور وٺي وئي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1572 نوان ڪيس سامهون آيا، جڏهن ته 7 مريض لاڏاڻو پڻ ڪري ويا. سرڪاري انگن اکرن موجب وڌيڪ 7 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا آهن..اومي ڪرون جي پکيڙ سڀ کان وڌيڪ ڪراچي ۾ ڏٺي پئي وڃي، جتي ڪورونا ڪيسن جي هاڪاري شرح 15 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي. هوڏانهن سنڌ جي صحت کاتي انڪشاف ڪيو ته ڪراچي ۾ اومي ڪرون ويرينٽ جي شرح 87 سيڪڙو کان به وڌي وئي آهي. صوبائي صحت اختيارين موجب گذريل ڏينهن 24 نمونن جي نيڪسٽ جريشن سيڪوينسنگ ڪئي وئي، جن مان 21 نمونن ۾ اومي ڪرون ويرينٽ جي سڃاڻپ ٿي.پارلياماني سيڪريٽري صحت سنڌ قاسم سومري جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪورونا ڪيسن جي شرح ائين ئي وڌندي رهي ته سخت قدم کڻڻا پوندا، خدشو آهي ته ايندڙ هفتي کان اسپتالن تي بار پوڻ شروع ٿي ويندو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.