عثمان بوزدار جو هيلڪاپٽر سياحن کي بچائڻ لاءِ ڇو استعمال نه ٿيو: عظميٰ بخاري

لاهور(م ڊ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي فضائي دوري تي مسلم ليگ(ن) پنجاب جي ترجمان عظميٰ بخاري رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته عثمان بوزدار هيليڪاپٽر ذريعي مري ۾ برف ڏسڻ پهتو. عثمان بوزدار ڪالهه صبح 10 وڳي کان شايد هيليڪاپٽر ڳولي رهيو هو. هن سوال ڪيو ته پنجاب جي ملڪيت هيليڪاپٽر سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڇو ناهي ٿيو؟ ڇا هي هيليڪاپٽر حڪومتي ماڻهن کي کڻڻ جي لاءِ آهي؟

  • صدر پاران فوتي  اي ايس آءِ نويد اقبال جي ڀاءُ سان تعزيت لاءِ ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد(م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين سميت مريءَ ۾ فوت ٿيندڙ اسلام آباد پوليس جي اي ايس آءِ نويد اقبال جي ڀاءُ سان تعزيت جي اظهار لاءِ ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڪالهه آچر ڏينهن جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ئي خاندان جي 8 ڀاتين جي فوت ٿيڻ تي گهري صدمي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نويد اقبال، سندس خاندان سميت معصوم ٻارن جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جو ٻڌي سخت صدمو پهتو. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ منهنجون همدرديون متاثرين ۽ انهن جي پونئيرن سان گڏ آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن جي مغفرت فرمائي ۽ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽  انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.