ڀارت ۾ ڪورونا جا هڪ لک 59 هزار 632 نوان ڪيس

نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ گذريل چوويهه ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا هڪ لک 59 هزار 632 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. چيني خابرو  اداري ڀارتي وزارت صحت جي تازن انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو ته ڀارت ۾ اهو مسلسل ٽيون ڏينهن آهي جڏهن ملڪ ۾ روزانو هڪ لک کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ڀارت ۾ گذريل چوويهه ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 327 نيون فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن جنهن بعد فوتگين جو مجموعي انگ 4 لک 83 هزار 790 تائين پهچي ويو آهي. اختيارين موعجب گذريل ڏينهن 141986 ۽ جمعي ڏينهن 117100 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته اومي ڪرون متاثرن جو انگ 3623 تائين پهچي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.