بلوچستان جي پوڏ متاثر علائقن ۾ هوائي فوج جون امدادي ڪاروايون جاري

اسلام آباد(م ڊ) هوائي فوج جي ترجمان چيو آهي  ته بلوچستان جي پوڏ متاثر علائقن ۾ هوائي فوج پاران امدادي ڪاروايون جاري آهن، قدرتي آفتن دوران قوم ۽ ملڪ جي خدمت جي روايت کي برقرار رکندي هوائي فوج بلوچستان جي پوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارواين ۾ مصروف آهي،ترجمان موجب آپريشن دوران هوائي فوج جي ٽرانسپورٽ جهازن ۽ هيليڪاپٽرن ذريعي ضرورت جو سامان پهچايو ويو جن ۾ راشن، خيما، کائڻ پيئڻ جون شيون، دوائون، پيئڻ جو پاڻي ۽ ضروري مشينري شامل آهي، هوائي فوج پاران ٻوڏ متاثرن کي طبي امداد جي فراهمي لاءِ پسني ۾  طبي ڪيمپ پڻ قائم ڪئي وئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.