مريم نواز جي نئين آڊيو ليڪ سان آمراڻي ذهنيت سامهون اچي وئي: فرخ حبيب

چنيوٽ (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم نواز جي ميڊيا پرسنز جي حوالي سان نئين آڊيو ليڪ  سان (ن) ليگ جي آمراڻي ذهنيت کلي سامهون اچي وئي آهي، اهي چاهين ٿا ته ميڊيا ۽ ادارن ۾ انهن جا ئي نمائندا هجن، اسان جو سڄو پئسو ۽ رڪارڊ صاف ۽ شفاف آهي، اسان جي پارٽي جا بئنڪ اڪائونٽس آهن، پيپلزپارٽي جا ته کوهه کاتا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آچر ڏينهن چنيوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. فرخ حبيب چيو ته اسان جو سڄو پئسو ۽ رڪارڊ صاف ۽ شفاف آهي، وزيراعظم عمران خان اهو واحد حڪمران آهي جيڪو هڪ هڪ پئسي جو حساب ڏئي آيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي اسان 60 کان وڌيڪ ثبوت فراهم ڪيا ۽ پي ٽي آءِ پنهنجي سمورن اڪائونٽس جو مڪمل رڪارڊ فراهم ڪيو ۽ سرخرو ٿي نڪتا آهيون جيڪو تاريخ جو حصو آهي. فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي پاپڙا واري ۽ فالودي وارن جي اڪائونٽس جو هڪ ڊگهو داستان آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.