”حڪمرانن جي ظلم تي چُپ نٿا رهي سگهون، مري سانحي جي ذميوارن کي سخت سزا ڏني وڃي“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مري سانحي جي شفاف جاچ ۽ ذميوارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پ پ ڏکڻ پنجاب جي ايگزيڪيوٽوز جو اجلاس ٿيو، جنهن جي شروعات ۾ مري سانحي ۾ فوت ٿيندڙن لاءِ دعا ڪئي وئي.

اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته مري سانحي ۾ فوتگين تي حڪومت طرفان سياحن کي ذميوار قرار ڏيڻ ظلم جي انتها آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته سانحي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، غفلت ڪندڙن کي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت سزا ڏني وڃي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو نوبت اتي اچي پهتي آهي ته عوام مري رهيو آهي ۽ حڪمران موت جو ذميوار انهن کي ئي قرار ڏئي رهيا آهن، هيلي ڪاپٽرن ۾ ويهي فوت ٿيندڙن جو تماشو ڏسندڙ اهي ئي حڪمران آهن، جيڪي ڪالهه سائيڪل واري وزيراعظم جا مثال ڏيندا هئا.

هن چيو ته پ پ جو لانگ مارچ پاڪستان جي هر ماڻهو لاءِ آهي، ظالم حڪمران عوام کي تڪليفون ڏيندا رهن ۽ اسان چُپ رهون، اهو ڪڏهن نٿو ٿي سگهي، پ پ جي احتجاج جو واحد مقصد حڪومت طرفان عوام تي ٿيندڙ ظلم جو خاتمو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.