پاپ فرانسس جو مري سانحي تي ڏک جو اظهار

 

وينٽي ڪن سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪيٿولڪ عيسائين جي مذهبي پيشوا پوپ فرانسس مري سانحي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

وينٽي ڪن ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ مري سانحي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي لاءِ دعائون ڪيون ويون.

پوپ فرانسس مري سانحي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هو وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.

واضح رهي ته 7 جنوري جي رات ايندڙ برفاني طوفان 20 کان وڌيڪ حياتيون ڳڙڪائي ويو ۽ حڪومت مري کي آفت سٽيل قرار ڏيندي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته امدادي ڪمن جو سلسلو جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.