ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ تيز، ڪيترين ئي رياستن ۾ پابنديون

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ ڏينهون ڏينهن تيزي ايندي پئي وڃي، اهو ئي سبب آهي جو ڪيترين ئي رياستن ۾ سخت پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.

ڀارت ۾ اڄ آچر ڏينهن ڪورونا وائرس جا تقريبن هڪ لک 60 هزار نوان ڪيس رپورٽ ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ ڪيترين ئي رياستي حڪومتن طرفان سخت پابنديون هنيون ويون آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب ڪورونا وائرس جي ان تيز رفتار پکيڙ جو وڏو سبب ڏکڻ آفريقا مان دريافت ٿيندڙ اومي ڪرون ويرينٽ آهي.

گذريل ڏينهن مهاراشٽرا رياست جي حڪومت سوئمنگ پولز ۽ جِمز بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته تعليمي ادارا به 15 فيبروري تائين بند رهندا.

ان رياست ۾ گذريل ڏينهن نون ڪورونا انفيڪشنز جو انگ 41 هزارن کان وڌيڪ هو.

هوڏانهن گجرات رياست ۾ به اختيارين رات جو ڪرفيو لڳائڻ سان گڏوگڏ صحت جي شعبي سان سلهاڙيل اهلڪارن جون موڪلون بند ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.