ذري به غيرت اٿوَ ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو: حافظ حمد الله جي وزيراعظم تي تنقيد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي ترجمان حافظ حمد الله مري سانحي تي وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

پنهنجي بيان ۾ حافظ حمد الله چيو ته عمران خان ڏکڻ ڪوريا جي ٻيڙي ٻڏڻ تي وزيراعظم جي استعيفيٰ جا ڀاشن ڏيندو هو، مري سانحي ۾ توهان جي نااهلي سبب 23 زندگيون ضايع ٿي ويون، ذري به غيرت هجيوَ ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو.

هن چيو ته هيلي ڪاپٽر تي مري جو جائزو وٺڻ بدران عثمان بوزدار کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها ته عوام جو ڀلو ٿئي ها، حڪومت ۾ مري سانحي جي ذميواري قبولڻ جي جرئت به ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.