مري کي ضلعي جو درجو ڏيڻ ۽ فوتين جي وارثن لاءِ معاوضي جو اعلان

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت مري سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن کي 8-8 لک رپيا معاوضو ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانون واري صوبائي وزير راجا بشارت، پنجاب حڪومت جي ترجمان حسان خاور، چيف سيڪريٽري پنجاب، سينيئر بورڊ آف روينيو، سيڪريٽري سي اينڊ ڊبليو، ڪمشنر راولپنڊي ۽ آءِ جي پنجاب شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب حڪومت پاران مري سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن  جي مالي مدد ڪئي ويندي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ مري سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن لاءِ 17 ڪروڙ 60 لک رپيا منظور ڪيا ويا، جنهن تحت سانحي ۾ فوت ٿي ويل 22 ماڻهن جي وارثن کي 8-8 لک رپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته فوتين جي وارثن جي فوري مدد جي لاءِ  هڪ ڪروڙ 76 لک رپين جو  فوري اعلان ڪيو ويو.

ذريعن موجب گذريل ڏينهن برساتن دوران به حياتيون وڃائيندڙن جي وارثن لاءِ گڏيل طور 3 ڪروڙ 35 لک رپين جي منظوري ڏني وئي.

اجلاس ۾ سانحي جي سببن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته ايڊيشنل گهرو چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي انڪوائري ڪميٽي ٺاهي ويندي، ڪميٽي 7 ڏينهن ۾ غفلت ڪندڙ ماڻهن بابت جاچ ڪندي ۽ 7 ڏينهن اندر ئي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

اجلاس ۾ مري جي انتظامي ڍانچي کي فوري طور اپڊيٽ ڪرڻ  ۽ مري کي ضلعي جو درجو ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو ويو، جڏهن ته مري ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس پي کي فوري مقرر ڪرڻ ۽ ٽريفڪ جام ٿيڻ جو  سبب بڻجندڙ روڊن جي لاءِ ننڍا لنڪس فوري تعمير ڪرڻ جو  فيصلو ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.