عمران خان سياسي ننڌڻڪو قرار، حڪومت جا پير ڏَڪي رهيا آهن: خواجا آصف

 

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف وزيراعظم عمران خان کي سياسي ننڌڻڪو قرار ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي وڃڻ جا سبب پيدا ٿي چڪا آهن.

سيالڪوٽ ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته انهن ماڻهن تباهي جي تبديلي آندي، پي ٽي آءِ جا پنهنجا ووٽر به ناڪاميءَ جو اعتراف ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته عمران خان سياسي ننڌڻڪو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جا گهڻي ڀاڱي ماڻهو سياسي مسافر آهن ۽ پارٽيون مَٽائيندڙن جي ڪا عزت ناهي هوندي، حڪومت جا پيرَ ڏَڪي رهيا آهن ۽ ان جي وڃڻ جا سبب پيدا ٿي چڪا آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مري معاملي تي هڪ وزير بيان ڏنو هو ته هڪ لک گاڏيون داخل ٿيون، اها ترقي جي علامت آهي، فواد چوڌري ان ڪري ڳالهائي رهيو آهي، ڇو ته هو شيخ رشيد جاءِ والارڻ چاهي ٿو.

خواجا آصف موجب 68 سيڪڙو ماڻهن چيو آهي ته مهانگائي جو ذميوار عمران خان آهي، شهباز شريف جي دور ۾ دوائون مفت ملنديون هيون ۽ ڪينسر جو علاج مفت هو.

اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته احتساب جي ادارن کان پڇان ٿو ته جيڪو توهان ڪري رهيا آهيو درست آهي؟ ڇا ڪرپشن رڳو اسان ۾ نظر اچي ٿي؟ ٻيا کير جا ڌوتل آهن؟ ڊالر 185 جو ٿي ويو، جڏهن 97، 98 هو ته اسان کي گاريون مليون، هنن حڪمرانن ته ملڪ کي ئي گروي رکي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.