مري سانحو: وڌيڪ هڪ ٻارڙي دم ڏئي ڇڏيو، فوتين انگ 23 ٿي ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مري ۾ برفباري ڏسڻ ويل هڪ ٻي ٻارڙي فوت ٿي وئي، جنهن کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 23 ٿي ويو آهي.

ريسڪيو ذريعن موجب مري جي علائقي جهيڪا گلي ۾ 4 ورهين جي ٻارڙي سخت ٿڌ لڳڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي، هوءَ نمونيا جو شڪار ٿي وئي هئي، کيس وقت تي اسپتال نه پهچايو ويو.

ريسڪيو ذريعن ٻڌايو ته ٻارڙي پنهنجي والدين سان گڏ لاهور مان مري آئي هئي پر سخت برفباري سبب گهر ڀاتين سان گڏ ڦاسي پئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.