حڪومت آرمي چيف جي مقرري تي خطرناڪ سياسي ڪارڊ کيڏي رهي آهي: احسن اقبال

نارووال (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت آرمي چيف جي مقرري تي خطرناڪ سياسي ڪارڊ کيڏڻ ٿي چاهي، ان عمل جي مذمت ڪيون ٿا.

نارووال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته مري ۾ ماڻهو فوت ٿي ويا، اتي ڪا حڪومت ۽ انتظاميا نظر نه آئي، الرٽ جاري ٿيڻ تي به حڪومت سياحن جي اچڻ تي تاڙيون وڄائيندي رهي.

هن چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس عمران خان جي حقيقت کولي ڇڏي، ڪرپشن جو حساب ڏيڻو پوندو، حڪومتي تبديلي کانپوءِ پاڪستان آءِ ايم ايف سان معاهدي تي نظرثاني جي درخواست ڪري سگهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته حڪومتي اتحادي جماعتن کي اپيل آهي ته اهي حڪومت کان ڌار ٿي بي اعتمادي سان ان کي فارغ ڪن.

آرمي چيف جي مقرري بابت احسن اقبال چيو ته آرمي چيف جي مقرري آخري ٽن مهينن ۾ ٿيندي آهي، ان کان اڳ واڌ جي ڳالهه ڪرڻ سياسي ڪارڊ آهي، هن وقت حڪومت آرمي چيف جي مقرري تي خطرناڪ سياسي ڪارڊ کيڏڻ چاهي ٿي، ان عمل جي مذمت ڪيون ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.