لانگ مارچ يا ڍونگ؟

تحرير؛گل بهار علي گاڏهي

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ 6 جنوري تي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي 27 فيبروري کان ڪراچي مان اسلام آباد طرف لانگ مارچ جي شروعات ڪري رهي آهي.

هن وقت سوال اهو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ته مضبوط آهي پر ڇا پنجاب ۾ به پاڪستان پيپلز پارٽي جي پوزيشن ايتري ئي مضبوط آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي جيڪڏهن پوزيشن ڏسون ته ڪي پي ڪي بلدياتي اليڪشن مان واضح ٿي رهيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي پوزيشن هن وقت ايتري مضبوط ناهي ، هن وقت ڪي پي ڪي ۾ جماعت اسلامي جي پوزيشن مضبوط ڏسڻ ۾ آئي آهي، ڇو جو پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان مهانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرڻ سبب عوام پريشانين ۾ ورتل آهي ۽ پي ٽي آءِ مان بيزار ٿي چڪو آهي، مٿان وري گئس جي بحران به شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي ماحول ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان مهانگائي خلاف لانگ مارچ ڪڍڻ پنهنجي خراب پوزيشن کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش آهي پر پاڪستان پيپلز پارٽي کي اها ڳالهه يقينن خبر هوندي ته هن مهانگائي جي دور ۾ ڪو به غريب ووٽر پنهنجي خرچ تي سواءِ هڪ يا 2 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت مارچ لاءِ نٿو ڪڍي سگهي، ڇو جو هن وقت ايتري حد تائين مهانگائي وڌي وئي آهي، جو جيڪڏهن ڪو پورهيت هڪ هفتو به بيروزگار ٿئي ٿو ته سندس معاشي حالتون بدتر ٿي وينديون اٿس ۽ سندس گهرڀاتي فاقا ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن.

اهڙي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي واري ماحول ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا مارچ جو اعلان ڪري چڪي آهي ان مان لڳي ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجا ذاتي مفاد ماڻڻ چاهي ٿي، هي مارچ صرف اسلام آباد تائين پهچي پنهنجا ڳجها مطالبا منظور ڪرائي ختم ٿيڻو آهي، ڇو جو مهانگائي جو خاتمو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن آءِ ايم ايف چاهي، وفاقي حڪمران ته پنهنجي مرضي سان بجيٽ به تيار نه ٿا ڪري سگهن ته هو هڪ پارٽي جي لانگ مارچ ڪرڻ سان ڪهڙو مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻيندا، هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي جي پنجاب ۾ پوزيشن ايتري مضبوط نه ٿي نظر اچي جو پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب مان لکن جي تعداد ۾ ڪارڪن گڏ ڪري سگهي ۽ مارچ کي ڪامياب بڻائڻ سان گڏوگڏ ضرورت پوڻ تي مهانگائي خلاف هڪ وڏي ڪامياب تحريڪ هلائي سگهي، هاڻي هڪ نظر جيڪڏهن اسان تازو ٿيل پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪي پي ڪي واري 30 نومبر 2021ع تي ٿيندڙ جلسي ۾ وجهي ڏسون ته اندازو ٿي ويندو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پشاور جي علائقي ڪبوتر چوڪ تي يوم تاسيس وارو جلسو منعقد ڪرايو هو ان جلسي ۾ 20 کان 30 هزار جي لڳ ڀڳ پ پ جي ورڪرن جيالن ۽ اڳواڻن سڄي پاڪستان مان شرڪت ڪئي هئي ۽ جن مان وڏو تعداد سنڌ جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ جيالن جو نظر اچي رهيو هو. هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪڏهن هر يوسي مان 2 ماڻهو به ڪڍي ته سڄي سنڌ مان لڳ ڀڳ 10 هزار ماڻهو مس ڪڍي سگهندي، جيڪي پاڪستان پيپلز پارٽي جي تنظيم جا عهديدار هوندا باقي ڪو به عام ماڻهو هن مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه رهيو آهي،

پاڪستان پيپلز پارٽي ڪجهه ڏينهن اڳ ڊيل واريون ڳالهيون به ڪري رهي هئي ۽ آصف علي زرداري جو پنڊي اسلام آباد مان اوچتو شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ به ڪو سرپرائيز نه پر ڪو ڊيل ٿيڻ بعد قيادت سان ملڻ جو پروگرام ۽ لائحه عمل جوڙڻ جي حوالي سان گڏجاڻي لڳي رهيو آهي. آصف علي زرداري جو اچتو جلسي ۾ اچڻ ۽ بلاول ڀٽو زرداري طرفان لاهور ۾ خيما کوڙڻ واري ڳالهه ڪرڻ ٻئي ڳالهيون ڪٿي نه ڪٿي ملي رهيون آهن، جن ۾ هڪ وڏو راز آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڊيل ڪري چڪي آهي، جيڪڏهن اها ڊيل ڪامياب ٿي وئي آهي ته 2018ع واري اليڪشن وانگر هن ڀيري به طاقتور ڌرين طرفان من پسند وزيراعظم کي آندو ويندو ۽ غريب عوام مٿان مڙهيو ويندو شفاف چونڊون نه ٿي سگهنديون وري ٻيهر ڪرپشن سميت مختلف ڪيس سياسي اڳواڻن جا کلي ويندا ته جيئن مخالفت ڪندڙ اڳواڻ خاموش ٿي وڃن ۽ ٿيندڙ مهانگائي جي خاتمي وارو مارچ فضول هوندو ۽ هيءَ هلندڙ مهانگائي برقرار ئي رهندي.

باقي هي ڊيل جون ڳالهيون تڏهن کان هلي رهيون آهن جڏهن کان آصف علي زرداري ڪجهه ڏينهن پهرين بيان ڏنو هو ته ”عمران خان کي آڻڻ وارا پڇي رهيا آهن ته حڪومت هاڻي ڪيئن هلايون“، آصف علي زرداري جو سياست ۾ ٻيهر وڏي طاقت سان سرگرم ٿيڻ ۽ هر هر پنجاب طرف پنڌ ڪرڻ پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ خطري جي گهنٽي ثابت ٿي چڪي آهي.

هاڻ هي جيڪو مارچ ٿيڻ وڃي رهيو آهي هن جون حقيقتون وفاقي حڪومت کي ”گڊ باءِ“ ڪرڻ واريون واضح لڳي رهيون آهن، هن وقت ڏٺو وڃي ته طاقتور ڌرين طرفان پاڪستان جي  هر سياسي پارٽي کي آسرو ملي ويو آهي، هاڻ جنهن جي پوزيشن بهتر ۽ عوام جنهن سان ٿورو گهڻو نظر اچي هن کي ٽڪيٽ ڏني وڃي ٿي.

هاڻي واپس اچون ٿا پاڪستان پيپلز پارٽي جي پوزيشن طرف ته ڪي پي ڪي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي پوزيشن ڪا خاص ڪونهي، ڇو جو پاڪستان پيپلز پارٽي لڳ ڀڳ ڪافي ڀيرا حڪومت ۾ رهي چڪي آهي ۽ چئن ئي صوبن جي زنجير سمجهي ويندي هئي، اها ئي زنجير ٽٽڻ بعد ٻيهر جوڙڻ طرف وڃي رهي آهي، تنهن ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي کي پنجاب مان به وڏي تعداد ۾ ماڻهو ڪڍڻا پوندا، ائين نه ٿئي جو پشاور واري جلسي وانگر ڪجهه هزار ماڻهو ئي لانگ مارچ واري تحريڪ ۾ شامل هجن جيڪي سڀ پاڪستان پيپلز پارٽي جا عهديدار هجن،  پاڪستان پيپلز پارٽي کي اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڊيل ڪامياب نه ٿي ٿئي يا وري لانگ مارچ فيل وڃي ٿو ته مٿان وري هڪ سال بعد 2023 ۾ عام چونڊون ٿيڻيون ئي آهن.

هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ حڪومت ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪارڪردگي خاص نظر نه ٿي اچي، سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ايتري هن ڀيري سٺي نه رهي آهي جيڪا هجڻ گهرجي ها، قدرتي وبا ڪورونا سبب گهڻو وقت ضايع ٿي چڪو آهي، هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪڏهن سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرايا ته هي آخري سال آهي، مٿان وري ٿيندڙ جنرل چونڊن ۾ سنڌ مان پاڪستان پيپلز پارٽي کي نقصان پهچي سگهي ٿو، جيڪڏهن سنڌ جي چونڊن ۾ ادارا غير جانبدار رهيا ته هن ڀيري سنڌ مان وڏو تعداد آزاد اميدوارن جو قومي توڙي صوبائي اسيمبلي ۾ ويٺل سياستدانن جو هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.