سنڌ ۾ صحت جو فقدان ۽ کاتي جي ناقص ڪارڪردگي

تحرير؛محمد اسماعيل لانگاهه

سنڌ حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي جي ڪهڙي ڳالھه ڪجي. هر اداري کي ڪرپشن وسيلي اڏوهي جيان کائي اهڙي  نموني ناس ڪيو ويو آهي جو انجي بهتر ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي, انهن سڀني ادارن ۾ صحت جو مسئلو هن وقت سرفهرست اچي چڪو آهي , سنڌ جا شهر هجن يا ٻهراڙيون سياسي سفارش ۽ اثر رسوخ سبب ڪا به اهڙي اسپتال نظر نٿي اچي جنهن ۾ مريضن کي ڪي بهتر سهولتون ميسر هجن هرهنڌ عوام جون دانهون ٻُڌڻ ۾ اچي رهيون آهن جيڪڏھن سهولتون ۽ فرمائشون پوريون ٿي رهيون آهن ته اهي به صحت کاتي جي ملازمن جون, جيڪي هڪ ته ويزائن جهڙي سهولتن ماڻڻ کانپوءِ اسپتالن مان پاڻمرادو غائب آهن ته ٻئي طرف سندن ناجائز مطالبن اڳيان سنڌ سرڪار تابعدار بڻيل آهن پر صحت کاتي جي ملازمن سميت سرڪار سڳوري به ڀلي ڀت بخوبي ڄاڻي ٿي ته سنڌ جي اسپتالن ۽ مريضن کي ڪيتريون سهولتون ميسر آهن ۽ سرڪار سڳوري سندن ملازمن تي ڪيتري قدر رحمان بڻيل آهي نااهلي جي به حد هجڻ گهرجي پر ٻنهي طرفن کان هن وقت نااهلي جون حدون ڪراس ٿي چڪيون آهن، نالو وڏو ديھه ويران واري روش اسپتالن ۾ قائم ٿي چُڪي آهي

پ پ سرڪار ٽي سال اڳ سنڌ صوبي  جي مختلف شهرن جون اسپتالون صحت تي ڪم ڪندڙ  آءِ ايڇ ايس نالي هڪ تنظيم کي خانگائيون جنهن تنظيم کي به سنڌ سرڪار هلڻ نه ڏنو ۽ اسپتالون واپس وٺي پنهنجي حوالي ڪيون ۽ انهن اسپتالن ۾ آء ايڇ ايس تمام بهتر سهولتون ڏنيون پر سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتي جي ڪرپٽ مافيائن جو فرمائشون پوريون نه ڪرڻ تي کين ڪرپشن جا الزام هڻي اسپتالون واپس ورتيون ويون جيڪي اسپتالون هن وقت بلڪل بند لڳيون پيون آهن نه ئي ڪو سرڪاري عملو ميسر ٿي سگهيو آهي نه وري دوائون ۽ انهن بند ٿي ويل اسپتالن ۾ دادو ضلعي جي تعلقي جوهي ۽ ڪاڇي جي پُٺ تي پيل شهرن جون به اسپتالون هيون پر سرڪاري طرح کان ٿيل ڪرپشن ۽ نااهلي صحت کاتي کي ڪڏھن سُڌرڻ نه ڏنو هر مهيني لکين رپين جون دوائون صحت کاتو خبر ناهي ڪٿي استعمال ڪري ٿو.

سنڌ جون اسپتالون ريفر سينٽر بڻائيندڙ صحت کاتو ڊاڪٽر حضرات تي ايترو ته مهربان ٿيل آهي جو جيڪي ڊاڪٽر سرڪاري ڊيوٽي دوران اسپتالن ۾ مريضن کي ٽريٽمينٽ ڏيڻ گوارا نٿا سمجهن اهي ڊاڪٽر پنهنجي ذاتي ڪلينڪن کي غريب مريضن لاء ڪوس گهر بڻايو ويٺا آهن پر سندن ڪيرپڇڻ وارو ناهي اسپتالن جون ايمبولينسون سرڪاري جلسن ۾ ته استعمال ٿين ٿيون پر اهي ايمبولينسون ايمرجنسي حالتن ۾ مريضن جا لاش به کڻڻ لاء نه ٿيون ڏنيون وڃن صحت کاتي کي تباهه ڪندڙ سرڪار پنهنجن اهڙين ڪوتاهين, نااهلي ۽ ڪرپشن جا بار وري وفاق جي ڪنڌ ۾ هڻڻ جي  هروقت ڪوشش ڪندي رهي آهي ۽ صحت کاتي جي اهڙن ڪارنامن ۾ وفاق جي ڪابه ذميواري ناهي.

سنڌ جي اسپتالن کي ڀڙڀانگ ڪندڙ صحت کاتي جي انتهائي ناقص ڪارڪردگي سبب هن وقت سنڌ جا غريب ماڻھون عطائي ڊاڪٽرن, ڪاسائي بڻيل سرڪاري ڊاڪٽرن هٿان ڦرجي لٽجي رهيا آهن, پر سرڪاري اسپتالن جو نظام ۽ سهولتون بهتر ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي وٽ ڪوبه طريقيڪار ناهي. ڪافي سالن کان جنهن ڊسپينرن کي عطائي قرار ڏنو پئي ويو ۽ اڪثر اسپتالن مان ڊاڪٽرن کي ويزائن واري رعايت ڏئي اسپتالن جو نظام انهن عطائي ڊسپينسرن حوالي ڪيو ويو آهي جنهن تي خود سرڪار کي پشيماني ته نٿي رهي آهي پر غريب مريضن جي زندگين جي به پرواهه نٿي رهي آهي.

هن وقت اسپتالن جي حالت ايتري قدر خراب ٿي چُڪي آهي جو غريب عوام کي سرڪاري اسپتالن مان گوري به نصيب ناهي. اهڙين حالتن ۾ سنڌ سرڪار ۽ صحت کاتي جي لاپرواهي تي صوبي جي غريب عوام وٽ صرف پشيماني ڏُک ۽ بچيو آهي دانهن ۽ ڪوڪن جو سرڪار تي ڪوبه اثر نٿو پوي ڇو ته ڪرپشن صحت کاتي کي اڏوهي جيان کائي چٽ ڪري ڇڏيو جنهن ۾ وڏو ھٿ سنڌ سرڪار جو آهي جيڪا سنڌ جي عوام سان ٿيندڙ ظلم تي خاموش تماشائي بڻيل آهي اسپتالن جي حالت ايتري ته خراب ٿي وئي آهي جو مريضن کي ڪا به سهولت نٿي ملي سگهي ڊاڪٽر پنهنجن ڊيوٽين تي اچڻ بجاءِ ذاتي ڪلينڪون هلائڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. صحت عوام جي بنيادي سهولتن مان اهم سهولت هجڻ باوجود هزارين غريب پريشان حال آهن خاص طور ٻھراڙين ۾ صحت کاتي جي نااهلي سبب غريب عوام جي تڪليفن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي ھڪ ته روڊ رستن جي کوٽ آهي ته ٻئي طرف صحت جهڙي بنيادي سهولت جي اڻھوند سبب مريض ويچارا شهرن تائين علاج خاطر پهچڻ کان پهرين رب جي راهه ۾ هليا وڃن ٿا.

ڪروڙين رپين جي بجيٽ ۽ عملي موجود هئڻ جون دعوائون ته ڪيون وڃن ٿيون پر عوام ويچاري لاءِ سور ساڳيا آهن اسپتالن ۾ ڪاري وارا ڪک نظر ئي اچن ٿا ڊاڪٽر حضرات کي وڏا وڏا الائونس ۽ پيڪيج ڏيندڙ صحت کاتي انتظاميه ۽ موجوده پ پ سرڪار سنڌ جي مسڪين ماڻھن کي بي موت مارڻ جو ڄڻ ٺيڪو کڻي ورتو عوام کي انسان نه پر جانور سمجهيو پيو وڃي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪُڙج جي حڪمرانن جي حيوانن سان به محبت هجي ٿي پر سنڌ حڪومت گذريل تيرنهن ورهين ۾ ادارن جي جهڙي نموني ڀينگ ڪئي آهي.

اها وسارڻ جوڳي ناهي ۽ انهن ۾ صحت کاتو به سرفهرست آهي سنڌ سرڪار اختياريون ۽ صحت کاتو سنڌ جي عوام سان ٿيندڙ ھن جُٺ جو فوري طور نوٽس وٺي ۽ عوام کي بنيادي سهولتن سان آراسته ڪري غير فعال بڻيل اسپتالن مان گهوسٽ ملازمن ۽ ويزائن واري رعايت تي فوري طور بندش لڳائي جيڪو عوام جو بنيادي حق  ۽ مطالبو رهيو آهي ان کي پورو ڪري عوام جون پريشانيون ختم ڪيون وڃن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.