چلي جو نئون صدر ۽ اميدون 

تحرير؛سڪندر زئور 

لاطيني آمريڪي ملڪ چلي جو نئون چونڊيل صدر گيبريل برڪ بمشڪل 4 مهينا اڳ اهليت جي عمر کي پهچي رهيو هو جڏهن پرائمري صدارتي اليڪشن ۾ راءِ شماري جا سمورا پول غلط ثابت ٿيا. جڏهن ته، پنهنجي ملڪ جي صدارتي چونڊن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽن سان، هو هن سال 11 مارچ تي چلي جي سڀ کان ننڍي صدر جي حيثيت سان حلف کڻندو.

گارڊين موجب، گبريل برڪ جو تعلق شاگرد اڳواڻن جي ان ريڊيڪل نسل سان آهي، جيڪي آمر آگسٽو پنوشي جي تلخ ورثي کي هميشه لاءِ  دفن ڪرڻ لاءِ  پرعزم آهن. پنهنجي شروعاتي فتح جي رات، هن اسٽيج تان اعلان ڪيو ته "چلي نيو لبرلزم جي جنم ڀومي هئي ۽ اها هاڻي ان جي قبر هوندي!”

 صدر چونڊجڻ کان پوءِ، گبريل بورڪ اعلان ڪيو: ”مون کي خبر آهي ته تاريخ اسان کان شروع نه ٿيندي آهي، آئون پنھنجي پاڻ کي  انهن ماڻهن جي ڊگهي سفر جو وارث محسوس ڪريان ٿو ، جنھن سماجي انصاف لاءِ  بيحد اڻٿڪ جدوجهد ڪئي آهي.گيبريل بورڪ 1986 ۾ پنٽا ارينس ۾ پيدا ٿيو. 2011 ۾ جڏهن هو پنهنجي قانون جي ڊگري جي آخري سال ۾ هو،

تنھن وقت ھو سڄي ملڪ ۾ شاگردن جي حقن جي مظاهرن ۾ هڪ اڳواڻ طور اڀري آيو. هزارين شاگردن احتجاجي مظاھرن ۾ پنهنجا ڪيمپس ۽ فيڪلٽيز بند ڪري ڇڏيا، سڀني لاءِ  مفت ۽ اعلي معيار جي تعليم جو مطالبو ڪري رھيا ھئا.

احتجاج ختم ٿي ويا جڏهن ڪجهه شاگردن کي مفت تعليم حاصل ڪرڻ جو حق حاصل ٿيو. بهرحال، ڪيترائي نوجوان شاگرد اڳواڻ جيڪي شاگرد تحريڪ ۾ اڀري آيا، اهي نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيا يا مقامي حڪومتن ۾ عهدن تي پهتا.

گبريل بورڪ پنهنجي قانون جي ڊگري مڪمل نه ڪئي پر 2013 ۾ چلي جي ڪانگريس اليڪشن کٽي ڪامياب ٿيو.

هن صدارتي اليڪشن جي پهرئين دور ۾ جنرل پنوشي جي ڏاڍائي واري نظريي جي اڳواڻ، انتونيو ڪاسٽ کي ٿوري فرق سان پوئتي هٽڻ کان پوءِ پنهنجي رڊيڪل پروگرام کي خاص طور تي وڌيڪ وسيع ڪيو، ۽ مرڪزي ووٽرن کي به پنھنجي پاڻ ڏانھن راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هن کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي. هن اصلاح پسندن لاءِ  قابل قبول ٿيڻ لاءِ  پنھنجي انداز بيان کي تبديل ڪرڻ سميت پنھنجا ٽيٽوز به لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي

گبريل بورڪ چلي کي ھڪ فلاحي رياست ۾ تبديل ڪرڻ,عوام جي خرچن ۾ اضافو ۽ عورتون ,نان بائنري فردن ۽ قديم مقامي ماڻھن کي به اقتدار ۾ شامل ڪرڻ جو واعدو ڪيو ۽ ملڪ کي پنوشي جي آمريت کان جان ڇڏائڻ کي پنھنجو حتمي مقصد قرار ڏنو آهي . هن جنرل آگسٽو پنوشي جي آمريت دوران اختيار ڪيل نيو لبرل معاشي ماڊل کي دفن ڪرڻ، سماجي خدمتن کي وڌائڻ، عدم مساوات خلاف جنگ ۽ ماحول جي تحفظ لاءِ  اميرن تي ٽيڪس وڌائڻ جو واعدو ڪيو آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.