لساني سياست جا هٿڪنڊا 

تحرير؛رياض ابڙو 

وري ڳالھه ته انهن ڪوڙن ڪانئرن جي ڪجي جن جو ڪم سياست ۾ نفرتن جا پلاءَ ورهائڻ آ، ڇو ته شهري بينر ڏسي اهو لڳندو آ ته اسان ڪو برما يا بنگلاديش ۾ ٿا رهون جو شهري ماڻهن جو اهو ٽولو جيڪي گهر گهاٽ هوندي به ايڏا مجبور لاچار، نڌڻڪا، اٻوجهھ، بيروزگار، پاڻيءَ ڍُڪ جا ستايل، بغير بجلي، گيس، صحت، تعليم، روڊ رستن جي ڪچي جي علائقن ۾ رهڻ وارا، ٻوڏ جا ستايل، ٿر جي ماڻهن وانگي لاچار، بي وس ۽ بي يارومددگار، پوءِ آخر ڇا گهرجين؟ معني رڳو ڪرسي هي اقليتي ٿي به اڪثريت تي حڪومت ڪندا يا هي اهڙي فرسوده سوسائٽي جا ميمبر جن ڪڏهن به ڪالاباغ ڊيم جي لاءِ شهرن ۾ بينر ناهن هنئيا، توڻي جو هنن شهرن جي لاءِ پاڻي جا ذريعا منڇر، ڪينجهر ۽ سنڌو آهن، يا هنن ڪڏهن به اين ايف سي ايوارڊ جي لاءِ ڪو آواز ناهي اٿاريو. توڻي جو اسان سان (صوبائي سرڪار سان) وفاقي طرفان تعديون ٿيندون ٿيون رهن، هنن ڪڏهن صوبن جي خودمختياري جي لاءِ ارڙهين ترميم جي حامي ناهي ڀري پر هنن کي رڳو هتي شهر ۾ خودمختياري کپي، هنن ڪڏهن به ٻيٽن جي قبضي جي خلاف اسان جو ساٿ ناهي ڏنو پر هنن کي هتي رهڻو به آهي ۽ هن ڌرتي تي پنهنجي نسل کي پروان چڙهائيندا، هنن ڪڏهن به ڌاري آبادڪاري جي خلاف اسان سان هڪُ ناهن ٿيا توڻي جو شهرن جي ذريعن ۽ وسيلن تي افغاني، برمي ۽ بنگالي بار آهن جنهن ۾ بجلي جي ڪنزپشن، گيس، پاڻي، روڊ رستا ۽ وڏي ڳالھه ته شهر جو امن جنهن ۾ وڏو هٿ انهن افغانين ۽ ڀاڄوڪڙ قومن جو آهي، پر هنن جي ان معاملي تي جونءَ به ننڊ پئي آ، هي ڪڏهن به ڪوڙن ڊوميسائيلن تي اسان جي صوبن ۾ نوڪريون ڪرڻ وارن جي خلاف اٿي کڙا ناهن ٿيا، پر هنن کي نوڪرين جي ڪوٽا کپي يا هنن جي مطابق ته ڪوٽا ختم ڪئي وڃي جو 70 واري ڏهاڪي ۾ هنن ڪوٽا سسٽم پاڻ ،مظور 3ا رائج ڪرايو هيو، وري هنن ڪڏهن به ٻين صوبن ۾ اسان جي صوبي جي ڪوٽا تي نوڪرين ڪرڻ وارن جي ڳالھه ناهي ڪئي، هنن ڪڏهن به افغانين برمين، بنگالين ۽ غير سنڌين جي شناختي ڪارڊن جي ٺهڻ جي خلاف اسان جو آواز ناهن بڻيا، توڻي جو ڪراچيءَ جي سيٽن (قومي، صوبائي يا مڪاني) تي هي پاڻ به سوڀارا ٿي نه ٿا سگهن، جو هنن جو ووٽ وڃي ٿو ختم ٿيندو يا ٻاهرين ملڪن ڏي شفٽ ٿيندو.

هنن ڪڏهن به قومي اشوز تي ڪا سياست ناهي ڪئي پر پوءِ به هي ڦلاڻا، ٽيرا ۽ مٽيرا خان خٿيرا پنهنجن پارٽين جي پٺيان پاڪستان ضرور لکندا آهن جيئن ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ جماعت اسلامي پاڪستان، پر اهي سڀ ته ڪارنر ٿي ۽ ڪنڊن ۾ لڪي سياست ڪرڻ وارا ثابت ٿيا آهن، ڇو ته انهن ماڻهن جي سياست جو محور سدائين ۽ رڳو لسانيت، نفرت ۽ شدت واري سياست رهندي آئي آ، انهن جي سياست ته رڳو لالوکيت مان نڪري وري ڪورنگي هلي ٿي وڃي يا بهادرآباد مان نڪري وري اورنگيءَ جو پاسو ٿي جهلي، پوءِ انهن جي سياست ۾ پاڪستان ڪٿي آ؟ يا انهن جي سياست سواءِ انهن نفرت جي بينرن کانسواءِ ٻيو ڇاهي؟ جو هنن کي ضلعي يونٽ، تعلقن جا يونٽ جن کي مختياڪار يا ڊي سي يا پوليس جا اعلي آفيسر ٿا هلائن جن جون حدون ليڪيل به آهن پوءِ اهي حڪومت جا ننڍڙا ننڍڙا يونٽ ناهن؟ يا بلدياتي ادارن ۾ جي رڳو انهن علائقن جا ماڻهو ڪوڙا ڊوميسائيل ٺهرائي (رڳو شهرن ۾ چئي سگهجي ٿو) نوڪريون ٿا ڪن يا انهن کان اڳ 2004 واري ڏهاڪي ۾ هنن ته جي ڊي اي جي ڀَرِ وٺي ڪميونٽي پوليس جو بنياد به وڌو هيو يا 2000 واري دور ۾ پنهنجن ماڻهن کي پوليس ۾ ڀرٿي ڪري رڳو ”ڪراچي مهاجر“ ڪري اسان جي ماڻهن کي پوئتي ڌڪڻ ۾ لڳا پيا هيا، ساڳي ڪار هنن ٻين ادارن ۾ به ڪئي هئي.

چون ٿا ته اسان جي شهري آبادي مظلوميت جي ان دائري ۾ اچي وئي آهي، جن جي ڀيٽ ٿر، ريگستان، مٺي، ٿرپارڪر يا بلوچن جي انهن ڏتڙيل ڏتڙيل علائقن سان ڪيون جيڪي ويچارا رڍون، مال ۽ ڍور ڪاهي دريائي علائقن ڏي ڪاهي پوندا آهن جن وٽ زندگي شروع ئي ناهي ٿي.

انهن جي ڀيٽ ۾ اک ڦيرائي ڏسون ته شهرن ۾ ڇا ناهي جو ”لائيف انڊيڪس“ ۾ جيڪڏهن ڏسجي ته اسان جا شهر (کڻي ملڪ ان لائيف انڊيڪس ۾ نه ٿو اچي، ڇو ته انٽرنيشنل لائيف انڊيڪس ۾ اچڻ جي لاءِ اسان کي صديون گهربل آهن) پر شهرن ۾ زندگي گذارڻ جو سڀ گهربل سهولتون موجود آهن جنهن جي ڪري اربنائيزيشن اسان وٽ گھڻي ٿي رهي آ، جو شهرن ۾ واپار، نوڪرين، صنتعن ۽ روزگار جا گھڻا وسيلا هجن ٿا، پر ٻوليءَ جي سبقت جي ڪري اسان جي دال نه ٿي ڳري، پر شهري علائقن  وٽ صحت، تعليم، پاڻي، روڊ رستا، اسپتالون، ڪاليج يونيورسٽيون، قومي ۽ بين الاقوامي ادارا، جهاز ۽ عاليشان ايئرپورٽون، بحري ٻيڙا يا الائي جي ڪهڙا ڪهڙا جديد سسٽم، آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ واريون بلڊگيون ۽ الائي جي ڇا ڇا؟ جو رڳو هوٽلن، باغ باغيچن ۽ بئينڪن ادارن تي ڳالهائجي ته ماڻهو ويهي رهي ۽ پيو ٻڌي، حقيقت ۾ حيرت وٺندي آ جو وڏن شهرن جي رڳو پرائيويٽ اسپتالن ۽ يونيورسٽين جا چڪر هڻجن ته ماڻهو حيرت ۾ وٺجي ۽ چڪرائجي وڃي پر افسوس اهو به ٿيندو آ جو اهي ڪانئرن جي حوالي آهن ۽ رڳو ٻولي جي رابطي واري حيثيت جي ڪري اهي انهن تي مڳي ڪيون ويٺا آهن، (پر ائين به ناهي ته رڳو انهن ۾ حصو پتي انهن جو ئي آ، ائين قطعن نه، انهن ادارن، اسپتالن، عمارتن ۽ بئنڪن ۾ حصو پتي ٻين قومن جو به آ ۽ سڄي ملڪ جي وڏن شهرن کي ملٽي ڪلچرل شهر چئي سگهجي ٿو خاص اسان هي شهرن کي جن ۾ وڻ وڻ جي ڪاٺي آ).

پر جي شهري پارٽين يا شهري پريشر گروهن جي ڳالھه ڪيون ته اتي هڪ اها ڳالھه به ٺهڪي ٿي ته انهن جو بنڊ تي پٽڪو آ ڇو ته جن وٽ هڪ ووٽ به نه هجي يا هڪ سيٽ به مشڪل هجي ۽ اهي پريشر گروپ ٿي حڪومتن کي مجبور ڪن ته اهي انهن جي دل پسنديدگيءَ جا ڪم ڪن، يا جيڪي اهي چون سو سرڪار ڪري، ائين ناهي، ڇو ته ضلعي انتظامي يونٽ به هڪ طرح جي حڪومت ئي سمجهجي جنهن ۾ ننڍڙا ننڍڙا يونٽ به حڪومت جا دائرا ٿا ليڪن، ڀلا هڪ طرح سان ڏسجي ته حڪومت ڇاهي يا هيٺين سطح تي ڪير ٿو منتقل ڪري يا هلائي، پوليس، يا ٻيا ورديءَ وارا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا، ضلعي انتظاميا يا اهي جيڪي قانون جا پاسدار آهن ۽ بلدياتي نظام رڳو پئيسن کائڻ جا نوان دوڪان ۽ فوجي دورن جا هٿڪَنڊا آهن ٻيو ڪجهھ به نه.

پر حيرت اها به آهي ته جڏهن به بلدياتي اليڪشن ٿي اچي تڏهن هر پارٽي پنهنجو پنهنجو دوڪان کولي ٿي ويهي خاص ڪري شهرن ۾، ڇو ته اهي ڀلي ڀَتِ سمجهن ٿا ته ائين ڪرڻ سان حڪومت کي بليڪ ميل ڪري سگهجي ٿو ۽ حڪومت به انهن جي ڳالھه ٻڌندي جو اهي ٽي وي چينلن تي ڀَڪ ٻاري ٿا ويهن سمجهن ٿا ته ٽي وي وارا هنن جي ٻولي سمجهن ٿا ۽ هنن جي ئي ٻولي ڳالهائيندا، ڀلا هنن جي احتجاجن تي پوليس لٺبازي، ڳوڙها گيس، ڇت ڪتائي، وٺ وٺان ڇو نه ٿي ڪري، يا گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻن، ڀلا ائين ڇو نه ٿا ڪن ته جڏهن هنن کي بک ئي ڪرسيءَ جي آ ته ٻئي ڪنهن طريقي ڪرسي وٺن يا هتي ڏکيا آهن ته ٻين صوبن جو رخ ڪن ڇو ته هي آخر ته پاڪستاني آهن (اها ٻي ڳالھه ته سنڌي نه ٿي سگهيا) ڇو ته اليڪشن ذريعي رڳو بليدياتي چونڊن ۾ هي جماعت اسلامي وارا 2000 وارين چونڊن ۾ (غلطيءَ سان) رڳو هڪ دفعو اچي ويا هيا وري هاڻي ته هنن جو ڪو اسٽيڪ ئي ناهي رهيو، ڀلا جنهن پارٽيءَ کي هڪ ووٽ به نه ملي، ۽ اهڙي پارٽي جيڪا پنهنجي سڄي ڪمايل دولت (جيڪا هنن کي پرائيويٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ڪمائي مان ملي تي) پوءِ اهي ساڳا پئيسا شهر ۾ نفرتن جي بينرن تي هڻي ماڻهن ۾ نفرتون ورهائن تي خرچ ٿا ڪن، پوءِ اهو حلال جو پئيسو نفرتن ۾ ڇو ٿا زيان ڪن، يا هنن وري اهو ثابت ڪيو آ ته هي به لساني جماعت آهن رڳو هنن پنهنجي مٿان ”اسلام“ جو هروڀرو ٺپو لڳل آ ڪم ته هنن جا اهي آهن جيڪي هنن جا ڀائر ڪندا هيا، هنن به ساڳا دوڪان کولي رکيا آهن، پوءِ اهڙن پريشر گروهن ۽ نفرتن جي سياست مان فائدو، جو هنن جي جڏهن ماڻهو ڳالھه ٿا ٻڌن ته اکيون بند ڪري يا روڊ مٽائي يا پاسو وٺي هليا ٿا وڃن، هنن جي احتجاج ۾ ڪير ڪير شامل آ جو هنن جي سياسي نفرتن واري فلاسافي کي سمجهون، پر اسان وٽ ويهي رڳو اها ڳالھه ڇو ٿا ڪن يا جي ڪرڻي اٿن ته پاڪستان جي ۽ قومي سياست ڪن ۽ ان ڦيري ۾ اچن ڇو ته هي آخر آهن به پاڪستاني، پوءِ سياست رڳو لالوکيت. اورنگي ۽ ڪورنگيءَ جي ڇو؟ هنن کي پوءِ پنهنجي پارٽيءَ سان گڏ علائقن جا نالا کلڻ گهرجن جو هنن جي پارٽيءَ سان پاڪستان لڳل ٺهي ئي نه ٿو ان ڪري نفرتن جي سياست ڇڏي انسانيت واري سياست ڪجي ته بهتر آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.