مريءَ ۾ شديد برفباري ۽ گاڏين ۾ بند پيل سرد لاش..؟؟

تحرير؛غلام مصطفي جمالي

هن وقت مريءَ جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون آهن گهمڻ لاءِ ويل ڪيترائي سياح پنهنجي زندگي وڃائي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترائي سياح اڃان برفاني روڊن ۾ ڦاٿل آهن جنهن کي ريسڪيو ٽيمون ۽ مقامي ماڻهو وس آهر طبي امداد ڏئي رهيا آهن.

جڏهن ته ٻئي پاسي حڪومت پنجاب اهڙي تصديق ڪئي آهي ته پنجاب صوبي جي گاديءَ واري هنڌ مري ۾ برفاني برفباري سبب گاڏين ۾ ڦاٿل گهٽ ۾ گهٽ 16 سياح فوت ٿي ويا آهن. مري ويندڙ روڊ تي هڪ هزار گاڏيون اڃا به ڦاٿل آهن، امدادي ڪاررواين لاءِ ايف سي، رينجرز ۽ آرمي اهلڪارن جي مدد ورتي وئي آهي.جڏهن ته ڪيتريون انساني جانيون ضيان ٿيڻ جو انديشو آهي.جڏهن ته ٻئي پاسي پنجاب جي گهرو وزير به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته 16 ماڻهو فوت ٿئي ويا آهن.

مري جي حالتن کي ڏسندي اسلام آباد ۽ ٻين علائقن کان مري ويندڙ رستا بند ڪيا ويا آهن ، رڳو کاڌي پيتي ۽ امدادي سامان کڻي ويندڙ گاڏين کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني پئي وڃي.اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته مري ڏانهن ويندڙ رستا آچر جي رات 9 وڳي تائين کلي ويندا.

موسميات کاتي جي عملدارن موجب مري ۾ هن وقت تائين 4 فوٽ کان وڌيڪ برف ٿي چڪي آهي ۽ مقامي ماڻهن موجب سڀ کان وڌيڪ فوتگيون سنديءَ ۽ ڪلدونا جي وچ واري علائقي ۾ ٿيون آهن جڏهن ته مري ويندڙ رستن تي درجنين گاڏيون برف ۾ ڦاسي ويون آهن.ياد رهي ته ملڪ جي اترين علائقن جي سياحتي هنڌن تي برفباري ۽ برسات سبب خيبرپختونخواهه جي علائقي گليات ۾ سياحن جي داخلا تي جمعي جي مجهند جو پابندي جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ مري به شام ​​جو سياحن لاءِ بند ڪيو ويو آهي جنهن جو پڻ اعلان ڪيو ويو.

جتي مري جون حالتون ايتريون خراب آهن اتي هڪ اهم سوال اهو به آهي ته پاڪستاني موسميات پهرين هاءِ الرٽ جاري ڪيو هو ته مري ۾ برفباري تيز ٿيندي انڪري حڪومت کي گهرجي ها ته اهي مقامي پوليس ۽ لاڳيل کاتن تي عملدار کي الرٽ ڪري ۽ ريسڪيو ٽيمون ساڻ ڪري گهمڻ لاءِ مري ويندڙ ماڻهن کي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس موٽايو وڃي ها پر حڪومت ايئن نه ڪيو جڏهن ڳالهه هٿ مان نڪري وئي، خبرون نشر ٿيڻ لڳيون، پوءِ حڪومت اک پٽي شايد ان وقت تائين تمام گهڻي دير ٿئي چڪي هئي پر ائين جيڪڏهن حڪومت سياحن کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ ناڪام وئي ته گهٽ ۾ گهٽ روڊ جي ريسڪيو ٽيمون ته اڳواٽ بيهاري ڇڏين ها ته شايد اهڙي صورتحال کان بچي سگهجي پيو پر حڪومت شروعات ۾ ائين به نه ڪيو.

جمعي جي رات کان راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي انتظاميا پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ اها ڪوشش صبح تائين جاري آهي پر مري، گليات ۽ باران ۾ ايترا ماڻهو ڦاٿل آهن جو گذريل 12 ڪلاڪن جو وقت ضايع ٿي ويو آهي ۽ اڃان به رستو صاف نه ٿي سگهيو ۽ مري ڏانهن ويندڙ سمورا رستا به بند ڪري ڇڏيا آهن پر اڃان به  اتي سياحن جو وڏو انگ موجود آهي انجو رابطو پنهنجن پيارن توڙي ريڪسيو ٽيمن کان ڪٽيل آهن جنهن ڪري سندن مدد مقامي ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا، انڪري حڪومت کي گهرجي ته سرڪاري ٽي وي يا ريڊيو تان اهڙا پروگرام نشر ڪن جنهن جي مدد سان مقامي ماڻهو اتي ڦاٿل سياحن جي ڳولا ڪن ۽ کين بچائي سگهن.جڏهن ته حڪومت پاران فيصلو ڪيو آهي ته اعلانيل سول آرمڊ فورسز جي به مدد طلب ڪجي جيئن اتي ڦاٿل ماڻهن کي به ٻاهر ڪڍي سگهجي.

ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ٻڌايو ويو هو ته مري ۾ هڪ هزار گاڏيون اڃا به ڦاٿل آهن جڏهن ته 23 هزار گاڏين کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.ڊي ايس پي مري پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته 4 فوٽ تائين برف پئجي وئي آهي ۽ روڊن تي درجنين وڻ ڪري پيا آهن.انتظاميا جو چوڻ آهي ته مشينري ڪنهن حد تائين ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ وڻ ڪِرڻ سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.سياحن کي مري ۽ گليات ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پوليس چيڪ پوسٽون پڻ قائم ڪيون ويون آهن.گليات ۾ تيز برفباري سبب گهٽ ۾ گهٽ ٻن هنڌن تي برفاني طوفان اچي ويا، جڏهن ته بجلي جا 3 پول پڻ ڪري پيا، روڊ جي صورتحال انتهائي خطرناڪ بڻجي وئي.

گليات ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ترجمان احسن حميد موجب جمعي جي ڏينهن برفباري ٿي. سندس چوڻ هو ته گليات ۾ رڳو هڪ ڏينهن ۾ 3 فوٽ برف ٿي آهي، جڏهن ته ٻئي اسپيل دوران جمعي کان 4 ڏينهن اڳ لڳ ڀڳ اڍائي فوٽ برفباري ٿي جنهن سبب زندگي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي.

اصل ۾ جمعي کان اڳ جڏهن برفباري جو سلسلو تيز ٿيو هو ته تڏهن کان حڪومت کي اک پٽڻ گهرجي ها، عوام کي ٻاهر ڪڍڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏئي ها پر ائين به نه ٿئي سگهيو جنهن سبب عذاب کي ايترو عذاب ڀوڳڻو پيو ڇو ته هن وقت تائين به  برفباري ايتري ته شديد آهي جو نه رڳو روڊ ڪليئرنگ جو ڪم متاثر ٿيو پر توحيد آباد جي دروازي تي لڳل 3 بجلي جا پول به ڪري پيا جيڪي هيوي پول يعني  ٽي ئي مين پاور لائين جا آهن جڏهن ته انهيءَ بجلي جي پولن بابت واپڊا عملدارن جو چوڻ آهي ته  انهن جي مرمت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 24 ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا. ڏسجي ته  گليات ۾ هڪ هنڌ مجهند جي وقت برفاني سبب روڊ تي جبل جون ڇپون ڪريون ۽ وري ساڳئي شام کان پوءِ ٻئي هنڌ ٻئي هنڌ برفاني طوفان اچي ويو اچي ويو، جنهن سبب ايبٽ آباد کي مري سان ملندڙ روڊ مڪمل طور بند ٿي ويو آهي، جنهن سبب روڊن تي گذر سفر به نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري ڪافي انساني زندگي ضيان ٿيڻ جو انديشو آهي.

هن وقت مري ۾ سخت برفباري کانپوءِ روڊن تي وڻ ۽ بجلي جا پول ڪري پيا آهن، مقامي ماڻهو پارڪ ٿيل گاڏين جا در کڙڪائي سندن حال احوال پڇڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ جڏهن ڪو به جواب نه ٿو اچي ته گاڏيون کوليون ۽ اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيئن انهن ماڻهن کي طبي امداد ڏياري سگهجي.مري جي مقامي انتظاميا، ريسڪيو 1122 جا اهلڪار ۽ مقامي ماڻهو ڦاٿل مسافرن ۽ بي ہوش ماڻهن کي ابتدائي امداد ڪري رهيا آهن جڏهن ته گاڏين ۾ گهڻو وقت ويهڻ، ۽ دروازا بند ٿيڻ ۽ هيٽر هلڻ سبب ڪيترائي سياح بيهوش ٿيڻ جا به اطلاع مليا آهن.اتي جي هڪ مقامي ماڻهو ٻڌايو ته ”هتي هن وقت تمام گهڻي ٽريفڪ آهي ۽ 17 ميل ٽول پلازا تي گهٽ ۾ گهٽ 300 گاڏيون بيٺيون آهن جڏهن ته 500 گاڏيون موٽر وي تي بيٺيون آهن.اتي موجود ماڻهن جو چوڻ هو ته ”اسان کي رات کان خبر پئي ته رستا بند آهن. ڪي ماڻهو رات جي ٽن وڳي کان هتي بيٺا آهن ۽ ڪي صبح پنجين وڳي کان هتي بيٺا آهن.

بهرحال سڄي دنيا جي موسميات کاتي پهرين الرٽ جاري ڪري ڇڏيو هو ۽ ماهرن برف ۾ ڦاٿل ماڻهن لاءِ اهو پيغام پَڻ ڏنو آهي ته جيڪڏهن توهان ڳري برف ۾ ڦاسي پيا هجو ته توهانکي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ان مان ٻاهر ڪيئن نه ڪري سگهجي ٿو.  ڇو ته برفباري کان اڳ وارننگ جاري ڪئي وئي هئي ته علائقي ۾ موسم ڪنهن به وقت خراب ٿي سگهي ٿي ان ڪري گهرن ۾ رهو پر افسوس اسانجي انتظاميه تي ته ها هاءِ الرٽ واري وارنگ مري ۾ دير سان جاري ڪيو ويو.ماحوليات جي ماهرن ٻڌايو ته برفباري جي صورت ۾ انتظاميه کي پهريان ڊبل روڊ بند ڪرڻ گهرجن ها جيئن برف ۾ ڦاٿل سياحن کي وڌيڪ نقصان کان بچڻ لاءِ ڪجهه احتياطي تدبيرون اختيار ڪري سگهجن ها.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.