چيف جسٽس اسلام ڪوٽ پهتو، ٿرڪول بلاڪ ٽو جو دورو

مٺي: چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد ٻه ڏينهن جي ٿر جي  دوري دوران ڪالھ مٺي بعد اسلام ڪوٽ پهتو جتي هن ٿرڪول بلاڪ ٽو /جو دورو ڪيو،چيو وڃي ٿو ته ٿرڪول بلاڪ ٽو تي چيف جسٽس ڪوئلي جي کوٽيل  کاڻ جو جائزو ورتو،جتي چيف جسٽس کي ٿرڪول انتظاميه پاران ٿرڪول توڙي ٿرفائونڊيشن جي هلندڙ پروجيڪٽن بابت اينگرو ڪمپني جي ضياءَ حيدر ۽ ٿرفائونڊيشن جي  نصير ميمڻ پاران  تفصيلي بريفنگ ڏني ويئي،بعد ۾ چيف جسٽس واپس مٺي روانو ٿي ويو،جڏهن ته چيف جسٽس جي دوري دوران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا ۽ انتظاميه پاران سموري شهر ۾ هنگامي طور تي  مهينن کان پيل گند ڪچرو کڻائي صفائي ڪرائي ويئي هئي،۽ سرڪاري اسپتال کي شادي هال جيان سينگاري گل ۽ ٻوٽا رکيا ويا هئا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.