صحت،تعليم ۽ آراو پلانٽ ملازمن جا مظاهرا

مٺي:چيف جسٽس جي تقريب ۾ پهچڻ دوران صحت کاتي ۽ آر او پلانٽس،تعليم کاتي جي ملازمن پاران ڪورٽ جي مک دروازي تي بينر کڻي پگهارن ۽ جوائننگ لاءِ ڌار ڌار احتجاج ڪيو، آر او پلانٽس ۽ صحت کاتي ۽ ٻين کاتن جي ملازمن پاران سرڪار جي زيادتين خلاف چيف جسٽس جي آڏو احتجاج ۽ نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي متاثر آر او پلانٽس جي ملازمن احتجاج ڪندي چيو ته ٿر جا 6 سئو کان به وڌيڪ آراو پلانٽس ملازم 14 مهينن جي پگهارن کان محروم آھن کين ڪوڙا دلاسا ڏيئي دربدر ڪيو ويو آھي هنن چيو ته ملازمن کي پگهارون نه ڏيڻ ۽ فني خرابي سبب 50 سيڪڙو کان به وڌيڪ آر او پلانٽس بند ٿي ويا آھن ٻئي طرف صحت کاتي ٿرپارڪر جي عدالتي حڪم تي بحال ٿيل ملازمن جواننگ ۽ رهيل پگهارون نه ڏيڻ خلاف احتجاج ڪيو، صحت کاتي جي ننڍن ملازمن  جو چوڻ هو ته کين سال 2015ع ۾ ميرٽ ۾ ڀرتي ڪيو ويو ۽ سياسي مداخلت سبب 6 سئو ملازمن مان 91 ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو ناٽڪ ڪيو ويو جنهن سنڌ هاءِ  ڪورٽ اسانکي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن مان 49 ملازمن کي جواننگ ڏني ويئي پر 4 سالن کان پگهارون نٿيون ڏنيون وڃن ۽ 42 ملازمن کي اڃان تائين جواننگ به نٿي ڏني وڃي ٻئي طرف تعليم کاتي ۾ هارڊ ايريا جي اميدوارن سان خصوصي رعايت سبب 50 سيڪڙو کان به وڌيڪ مارڪون کڻڻ باوجود نوڪري مان رهجي ويل مختلف ضلعن جي اميدوارن پڻ سيشن ڪورٽ جي ٻاهران احتجاج ڪيو ۽ چيو ته هارڊ ايريا ۾ ايندڙ اميدوار 33 سيڪڙو مارڪون کڻي ماستري جي ٽيسٽ ۾ پاس ٿي ويا آھن ۽ هارڊ ايريا ۾ نه ايندڙ اميدوار 50 سيڪڙو کان به وڌيڪ مارڪون کڻڻ باوجود ماستري ۾ نااهل بڻيل آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.