ٿر جي عوام کي وسيلن مان حصو نٿو ملي، پٽيشن داخل ڪئي وڃي : چيف جسٽس

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد چيو آھي ته ٿر جي عوام بابت اُهو ٻڌي افسوس ٿيندو آھي ته کين وسيلن مان حصو ۽ حق نٿا ملن،اهڙو عمل انساني حقن تي حملو ۽ بنيادي اصولن جي خلاف ورزي آھي،ملڪي آئين عوام کي جيڪي حق ڏي ٿو اُهي ڪنهن کي به غصب ڪرڻ نه ڏينداسين،ٿري عوام جا بنيادي،انساني،قانوني ۽ آئيني حق غصب ٿيڻ نه ڏينداسين،ٿر جا قدرتي وسيلا سڄي ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪري سگهن ٿا ته مقامي آبادي کي بنيادي حق نه ڏيڻ جو ڪهڙو جواز آھي؟ٿري عوام کي حق نه ملڻ وڏي ۾ وڏو ڏوھ آھي جيڪو ظلم اسانجي ملڪ ۾ نه ٿيڻ گهرجي،ٿري عوام کي حق ۽ انصاف ڏيارڻ لاءِ اسانجون عدالتون پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون رهنديون،اهڙو اظھار هن مٺي ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن پاران ڪوٺايل تقريب ۾ وڪيل برادري کي خطاب ڪندي ڪيو،چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته ٿر مان جيڪا به معدنيات نڪري ٿي انتي ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي پابند بڻايو وڃي ته ٿري عوام کي منافعي مان حصو ڏين،قدرتي وسيلن سان مالا مال ٿر جي عوام بابت اهو ٻڌي افسوس ٿيندو آھي ته کين وسيلن مان حصو ۽ حق نٿا ملن اهڙو عمل انساني حقن تي حملو ۽ بنيادي اصولن جي خلاف ورزي آھي ملڪي آئين عوام کي جيڪي حق ڏي ٿو اهي ڪنهن به غصب ڪرڻ نه ڏينداسين،ٿري عوام کي حق ملڻ گهرجن اُهي ضرور ملندا،هن چيو ته مٺي بار جي صدر وسند ٿري تقرير ۾ ٿر جا اهم ۽ بنيادي مسئلا پيش ڪيا آھن آئون کين اهيو چوندس ته انهن مسئلن تي سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وڃي ۽ عدالت کي انصاف جي درخواست ڪئي وڃي عدالت ٿري عوام سان انصاف ضرور ڪندي،هن چيو ته آئون جيستائين عهدي تي آھيان اُن دوران ٿر لاءِ گهڻو ڪجهھ ڪندس ۽ انکان پوءِ به عدالتون ٿري عوام کي حق ۽ انصاف ڏيارڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪنديون رهنديون،ٿر ۾ ڪم ڪندڙ ججن  کي به چوندس ته ٿر ۾ دل سان ڪم ڪن ۽ عوام کي تڪڙو انصاف ڏيارين،هن چيو ته ٿري عوام کي صحت،تعليم،پيئڻ جي صاف پاڻي،روزگار جي موقعن،معدني وسيلن مان حصو سميت سموريون بنيادي سهوليتون ملڻ گهرجن،جيڪا حڪومت جي ڪرم نوازي ناهي پر فرض آھي،هن چيو ته  ٿر قدرتي وسيلن سان گڏوگڏ ملڪ جو حسين ترين خطو آھي آئون سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ايندو ويندو آھيان پر منهنجي دل صرف ٿر ۾ لڳندي آھي، هن چيو ته آئون سانوڻ جي موسم ۾ جڏهن ايندو آھيان تڏهن ٿر مونکي جنت جهڙو محسوس ٿيندو آھي  هن چيو ته ٿر محبت ۽ رواداري جو مثالي خطو آھي،هن چيو ته ٿر ۾ ثقافت،سياحت ۽ هٿرادو هنر کي هٿي وٺرائڻ جا وڏا موقعا موجود آھن ٿر ملڪ جو بهترين تفريحي ماڳ آھي پر سياحن لاءِ رهائش،کاڌي پيتي کان وٺي ڪي به گهربل بنيادي سهوليتون مهيسر ناهن،جيڪي فراهم ڪرڻ وقت جي حڪومت جي ذميواري آھي،هن چيو ته ميرپورخاص کان ٿر تائين ريل پٽڙي وڇائي عوام کي سهوليت فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ ٿر ۾ موٽروي ٺاهڻ جي به ضرورت آھي هن ڊي سي ٿر کي مخاطب ٿيندي چيو ته ٿر مان جيڪا به معدنيات وڃي ٿي انجي منافعي جو حصو ٿري عوام کي ملڻ کانسواءِ ٻاهر نه وڃڻ گهرجي،ٿر ۾ اگر اين اي ڊي يونيورسٽي جي ڪئمپس آھي ته ان ۾ سمورا سبجيڪٽس هجڻ گهرجن ۽ ٿري عوام جا مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪيا وڃن،هن چيو ته مونکي ڊي سي ٿر جي ترقي جون وڏيون وڏيون ڳالهيون ٻڌايون آھن پر بار جي صدر جي تقرير ۽ ڊي سي جي ڳالهين ۾ وڏو فرق آھي هن چيو ته ٿر جي تفريحي ماڳن تي سهوليتون ڏيئي ٿر کي سياحن جي توجه جو مرڪز بڻايو وڃي ۽ ٿر چراگاهن واري زمين کي قبضاگيرن کان محفوظ بڻايو وڃي ٿر جي معدني وسيلن تي مقامي ماڻھن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ٿر ۾ ٽيڪنيڪل انسٽيوٽ قائم ڪيا وڃن،ٿر جي زمين جي سٽي سروي ڪرائي مقامي آبادي کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن،ٿر جي هٿرادو هنر کي هٿي وٺرائي وڃي،مقامي آبادي جي حق تلفي بند ڪري عوام کي بنيادي حق ڏنا وڃن،هن چيو ته ٿري عوام جو ٿورائتو آھيان جنهن اڄ منهنجو شاندار استقبال ڪري محبت ۽ خلوص جو اظھار ڪيو،ان موقعي تي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس مبين لاکو سميت سنڌ بار ڪائونسل جا اڳواڻ پڻ موجود هئا،چيف جسٽس مٺي سيشن ڪورٽ جو دورو ڪيو ۽ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم سميت ڊسٽرڪٽ بار پاران قائم ڪيل لائبرري جو افتتاح ڪيو،چيف جسٽس آڏو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن مٺي جي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري خطاب ڪندي ٿر جي بنيادي مسئلن تي مشتمل جامع چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو،وسند ٿري خطاب ڪندي چيو ته ٿر جي ڪوئلي جي رائلٽي ٿر فائونڊشن بدران ڊي سي،سيشن جج ۽ وڪيلن تي مشتمل ڪميٽي معرفت ٿر جي حقيقي ترقي تي خرچ ڪئي وڃي ۽ ٿر ڪول ايريا ۾ ايندڙ زمين ڀڳڙن مٺ عيوض خريدڻ بدران ليز تي ورتي وڃي ۽ زمين جي مالڪن جو مالڪي وارو حق برقرار رکيو وڃي،هن چيو ته ڪارونجهر جبل قومي ۽ قديمي اثاثو آھي جنهن جون ليزون ڏيئي ڪٽائي جو ڪم جاري آھي جنهن سان نه رڳو فطرت جي حسين نظاري ۽ مزاحمتي مورچي ڪارونجهر جبل جو وجود خطري ۾ آھي پر مقامي آبادي جي روزگار ۽ مذھبي ۽ ڌرمي عقيدا سخت متاثر ٿي رهيا آھن تنهن ڪري ڪارونجهر جي ڀٿر جي ڪٽائي ڦورن بند ڪرائي ڪارونجهر کي انٽرنيشنل هيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ قومي قديمي ورثو ڊڪليئر ڪيو وڃي،هن چيو ته ٿر جي چوپائي مال جي چراگاهن تي بااثرن جا قبضا آھن جيڪي خالي ڪرائي چوپائي مال ۽ جهنگلي جيوت جي چراگاهن کي محفوظ بڻايو وڃي هن چيو ته ٿر جي زمين جي سٽي سروي نه ٿيڻ ڪري عوام دربدر بڻيل آھي ٿر جي شھرن توڙي زمين جي سٽي سروي ڪرائي عوام کي مالڪاڻه حق ڏنا وڃن، هن چيو ته ٿر ۾ علاج جون سهوليتون نه هئڻ جي برابر آھن جنهن ڪري ٻارن توڙي ٿري عورتن ۽ مردن جي موت جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آھن تنهن ڪري ٿر کي ميڊيڪل يونيورسٽي ڏني وڃي ۽ ٿر ۾ هڪ اهڙي وسيع اسپتال قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ علاج جي هر سهوليت موجود هجي ۽ ڪنهن به مريض کي ڪراچي يا حيدرآباد ريفر ڪرڻ جي ضرورت نه پوي هن چيو ته مٺي ۾ وڪيل برادري لاءِ رهائشي ڪالوني ڏني وڃي ۽ ٿر جي سمورن تعلقن ۾ جوڊيشنل ڪامپليڪس قائم ڪيا وڃن هن چيو ته ٿر جا اڪثر اسڪول بند پيل آھن نياڻين جي تعليم نه هئڻ جي برابر آھي ٿر جي اسڪولن ۾ استاد عملو مقرر ڪرڻ سان گڏ اسڪولن ۾ بنيادي سهوليتون فراهم ڪيون وڃن،ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن جي جنرل سيڪريٽري فقير منور ساگر،ڪنور امر،تيرٿ جهانگي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،هوڏانهن بئريسٽر ارباب ظفر الله،جاويد اختر بجير،ڀيرو لال هيراڻي،رائسنگه سوڍو،شوڪت علي راهمون،ظھير الدين نهڙيو،عبدالسبحان سميجو،شاهنواز هنڱورجو، جان علي جوڻيجو،ممتاز جروار،موهن منٺاراڻي،حاجياڻي لنجو،تلسي ٻالاڻي،ايڊووڪيٽ اندران ۽ ٻين پاران چيف جسٽس کي ٿري سوکڙين جا تحفا پيش ڪيا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.