صادق آباد ۾ ڀت ڪرڻ سبب 6 ٻارڙا دٻجي فوت

ريتي (رپورٽ: وجئه ڪمار چاولا( ريتي ويجهو پنجاب جي شهر صادق آباد ڀر سان رحيم آباد ۾ اوچتو ڌماڪي سان راند ڪندڙ معصوم ٻارڙن مٿان ديوار ڪري پئي جنهن بعد اطلاع تي امدادي ٽيمن ۽ ڳوٺاڻن ملبي هيٺان دٻجي ويل ٻارڙن کي بيهوشي واري حالت ۾  ڀونگ جي انڊس اسپتال پهچايو، ان کان اڳ 6 معصوم ٻارڙا فوت ٿي چڪا هئا جن ۾ آمنه، مزمل، تسليم ۽ ٻيا ٻار شامل هئا جن جي  فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي جڏهن ته  هڪ زخمي ٻارڙي جو علاج هلندڙ آهي فوتي ٻارڙن جون عمريون 6 کان ڏهه سال جي لڳ ڀڳ ٻڌايون پيون وڃن. ٻارڙن جا مڙهه گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.