لسٻيلي ۾ حادثو، سينيٽ چيئرمين جو ڀاءُ ڊرائيور سميت فوت

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) لسٻيلي ۾ ڪراچي ڪوئيٽا قومي شاهراهه تي  حادثو، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جو ننڍو ڀاءُ سالار سنجراڻي ڊرائيور سميت  فوت، ڊي سي لسٻيله مطابق  بيله سڪن مٽوهوٽل ويجهو ٽئنڪر، ٽرڪ ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ نوجوان سالار خان سنجراڻي ڊرائيور سميت  فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش مرڪ 1122 جي ٽيم ڊي ايڇ ڪيو اسپتال اوٿل پهچايو، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي ٽيليفون ڪري سندس ننڍي ڀاءُ جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.