مري ۾ پوندڙ برفباري ڏهن سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ ) مري ۾ 24 ڪلاڪن دوران 17 انچ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن کي 10 سالن دوران رڪارڊ برفباري قرار ڏنو پيو وڃي. موسميات کاتي موجب مري ۾ 3 جنوري کان هينئر تائين 32 انچ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ ان سان گڏ 94 ملي ميٽر برسات به رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي موجب مري ۾ هن وقت گرمي پد ڪاٽو هڪ آهي ۽ شهر ۾ وڌيڪ برسات ۽ برفباري جو به امڪان آهي. موسميات کاتي موجب اڄ صبح کان مري ۾ هلڪي برفباري جاري آهي جيڪا سڀاڻي صبح تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي پر سڀاڻي ٻنپهرن تائين برفباري جو سلسلو رڪجي ويندو. ٻئي طرف ڊي جي موسميات کاتي محمد رياض نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته موسميات کاتي پاران مٿانهن علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي. اولهه جي هوائن سبب مري ۾ وقفي وقفي سان برفباري جاري آهي.

  • مريءَ ۾رستا بند هجڻ سبب امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائي آهي: فرخ حبيب

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريءَ ۾ سخت برفباري ۾ قيمتي انساني جانين جو زيان انتهائي افسوسناڪ آهي، پاڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، برفباري بابت انتظاميا شهرين کي اطلاع ڪندي رهي آهي، مريءَ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لاءِ ڪليئر ڪيو ويو آهي، هن چيو ته نٿيا گليءَ سان گڏ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي سرحدي جڳهه باڙيان ۾ اهو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، اتي سخت برفباري جي ڪري رستا بند ٿيڻ سان امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. فرخ حبيب چيو ته پاڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، حڪومت جي ترجيح ڦاٿل سمورن ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي. هن مشڪل صورتحال ۾ مقامي ماڻهن جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي جن سياحن جي لاءِ پنهنجي گهرن جا دروازا کولي ڇڏيا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.