مري سانحي جا دل ڏاريندڙ منظر، ٽاپ ٽرينڊ

مري (م ڊ ) مري سميت پاڪستان جي اترين علائقن گليات ۽ ڪشمير ۾ مسلسل برفباري سبب سياحن کي سخت مشڪلاتن کي  منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. مري ۾ 24 ڪلاڪن دوران 17 انچ برفباري رڪارڊ ڪئي وئي جنهن کي 10 سالن ۾ رڪارڊ برفباري قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته سخت موسمي صورتحال سبب مري ۾ زندگي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. رپورٽن مطابق مري ۾ گذريل رات کان وٺي هڪ هزار گاڏيون بيهجي ويون آهن، جنهن ۾ گاڏين ۾ سوار 16 کان 19 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. مائيڪروبلاگنگ سائيٽ ٽوئيٽر تي ان افسوسناڪ سانحي کان پوءِ موري ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، شهر مان ڪيترائي دل ڏاريندڙ منظر سامهون اچي رهيا آهن، جنهن ۾ ڪي سياح پنهنجي مدد سان گاڏين ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، جڏهن ته پير برف ۾ دٻجي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.